حيدرآباد ۾ پورهيتن جو اجرت لاءِ مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان مينرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (پ ايم ڊي سي) ايمپلائيزيونين لاکڙا ڪول مائينر ڄامشورو جي ملازمن پاران لاکڙا ڪول مائينرمان غيرقانوني طور سرڪاري ڪوئلي جي پوليس جي نگراني ۾ چوري ۽ چئين مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالهه چوٿين ڏينهن به حاجي مدد علي کوسو، حاجي پري مدار، عمران احمد هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران پي ايم ڊي سي جي زير اثر هلندڙ لاکڙا ڪول مائينر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد عدالتي حڪم تي ڪوئلو ڪڍڻ وارو ڪم بند پيل آهي جڏهن ته مقامي پوليس جي نگراني ۾ مقامي بااثر ماڻهن جا ماڻهو روزانو لکين رپين کان وڌيڪ جو سرڪاري ڪوئلو ڪڍي چوري ڪري رهيا آهن جن کي ڪري به روڪڻ وارو نه آهي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ، وفاقي وزير پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزير سميت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قومي مفادن تحت لاکڙا ڪول مائينر جي تڪڙو فيصلو ڪري ملازمن جون بند پيل پگهارون جاري ڪري انهن جو مستقل بچايو وڃي ۽ قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪوئلو چوري ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.