ڦل ۾ ڳوٺاڻن جو پڪي رستي لاءِ احتجاج

ڦل (ن ع آ)  ڦل ڀرسان ڳوٺ ڪلرو جي رھواسين پاران پاران گھرن ڏانھن ويندڙ رستو پڪو نه ھجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاھرو ، مظاھري جي اڳواڻي صابر حسين ، ڪريم بخش ، راشد ، عمران ، زاھد وڳڻ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا به بنيادي سھولتون نه آھن ، ڳوٺ جي مين رستو پڪو نه ھجڻ سبب تازي برسات ۾ اسان ڳوٺاڻن کي سخت تڪليف آھي اسان اچي وڃي نه ٿا سگھون اسڪولي ٻارڙا اسڪول وڃي نه ٿا سگھن ، ھنن چيو ته يوسي ويسر جي چيئرمين ، سميت ضلع ڪائونسلر کي ڪافي ڀيرا ڳوٺ جي رستي لاءِ  چيو آھي پر اسان جي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي مظاھرين ايم پي اي ، ايم اين اي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي بنيادي سھولتن سميت رستو پڪو ڪرايو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.