آمريڪا ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، چار ڄڻا مارجي ويا

بيلنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست مونٽانا ۾ هڪ مسافر جهاز اڏام ڀرڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ ڪري تباهه ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار چار ڄڻا مارجي ويا.

عالمي ميڊيا موجب مونٽانا جي شهر بيلنگ ۾ هڪ انجڻ وارو ڪيسانا 182 جهاز  ڪري تباهه ٿيو، حادثي ۾ مارجي ويل 4 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته حادثي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا جاچ ڪرڻ بعد رپورٽ پيش ڪندي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ تجويزون ڏيندي.

ٻئي پاسي اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ هو ته جهاز ڪرڻ کان اڳ نارمل رفتار ۾ هو ۽ هڪ ريڊيو ٽاور جي تار سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ توازن برقرار نه رکيو سگهيو ۽ ڪري تباهه ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.