شاهه محمود قريشي جي سعودي هم منصب سان ملاقات، ڌرين ۾ ڳالهين تي زور

 

رياض (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين لاءِ راضي ڪجي ته جيئن مسئلا پرامن طريقي سان حل ٿين.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب پهچڻ کانپوءِ رياض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس ويو، جتي سعودي هم منصب شهزادي فيصل بن فرحان السعود سندس آجيان ڪئي.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

شاهه محمود قريشي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، امن ۽ استحڪام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاملا سفارتي ذريعن سان حل ٿين، پاڪستان جي ڪوشش اها ئي آهي ته ڌريون صبر جو مظاهرو ڪندي ڳالهين جو رستو اختيار ڪن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: شاهه محمود قريشي جو ايراني دورو، پڌرائي جاري

هن ڇڪتاڻ واري صورتحال گهٽائڻ لاءِ خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان رابطن بابت به سعودي هم منصب کي آگاهه ڪيو.

سندس چوڻ هو اسان کي ڳڻتي آهي ته جيڪڏهن ان باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته اها سڄي خطي ۾ متاثر ڪري سگهي ٿي، سٺي ڳالهه اها آهي ته ايران ۽ آمريڪا پنهنجي بيانن ۾ واضح ڪري چڪا آهن ته اسان وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، ان حالتن ۾ ڌرين کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ ضروري آهي.

ان کان اڳ شاهه محمود قريشي رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو ته سعودي عرب جي پروٽوڪول واري ڊپٽي وزير اعظم اليقين، سعودي ۾ پاڪستاني سفير راجا علي اعجاز ۽ ٻين سينيئر اختيارين سندس آڌرڀاءُ ڪيو.

واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان کان اڳ ايران جو پڻ دورو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.