هڪ ئي وقت رت کي روڪيندڙ ۽ ڄمائيندڙ سائينٽيفڪ بينڊيج تيار

سنگاپور (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن حادثاتي طور تي هڪ اهڙي پٽي تيار ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ ئي وقت ۾ ٻه ڪم ڪري سگهي ٿي.

نئين دريافت ڪيل سائنٽيفڪ پٽي هڪ ته زخم مان رت جي وهڪري کي روڪيندي آهي ۽ ٻئي پاسي ٻاهر ايندڙ رت کي ڄمائڻ ۾ مدد ڪندي آهي جنهن سان زخمن کي اثرائتي طور تي بند ڪري انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون.

نيچر ڪميونيڪيشن نالي عالمي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب اي ٽي ايڇ زيورخ انسٽي ٽيوٽ ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور جي ماهرن جسم ۾ داخل ٿيندڙ تارن ۽ آلاتن لاءِ اهڙي ڪوٽنگ ٺاهڻ تي غور ڪري رهيا هئا جيڪا رت سميت ٻين پاڻياٺ واري شين کي ڌڪي سگهي پر حيرت انگيز طور تي هنن هڪ ٻي مٽيريل دريافت ڪري ورتي جيڪا وهندڙ رت کي فوري تي ڄمائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي.

سنهي پرت ڪاربن ۽ سليڪون جي نينو فائبر سان ٺهيل پٽي کي عامر پٽين تي لڳائي سگهجي ٿو، اها پٽي هڪ پاسي رت کان چهٽندي ناهي ۽ ٻئي پاسي رت کي ڄمائڻ ۾ مدد ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.