چيني موبائيل ڪمپني ’’جادوئي‘‘ ڪيميرا واري فون متعارف ڪرائي ڇڏي

شين زين (ٽيڪنالاجي نيوز) چائينا جي موبائيل ڪمپني ون پلس جادوئي فيچرس سان ليس پنهنجي نئين ڪانسيپٽ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي.

چيني ڪمپني جي اها نئين فون ڪانسيپٽ ون اصل ۾ ون پلس 7 ٽي پرو 5 جي ميڪلرين جو ترميم شده ورجن آهي جنهن جي ڪيميرا جادو ڏيکاريندي آهي ڇاڪاڻ ته اها اکين جي آڏو کان غائب ٿي ويندي  آهي.

ان ٽيڪنالاجي ۾ هڪ گلاس ڪور ڪيميرا آپرچرز کي ڪور ڪري وٺندو آهي ۽ رڳو 0.7 سيڪنڊ ۾ ڪيميرا کي غائب يا ظاهر ڪري سگهي ٿو.

ڪمپني مطابق ان مقصد لاءِ اليڪٽرو ڪرووميڪ گلاس جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو ڊينيسٽي فلٽر جي طور تي به ڪم ڪندو آهي ۽ فوٽوگرافرز کي ڪيميرا لينس ۾ داخل ٿيندڙ روشني کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

ون پلس ڪانسيپٽ ون نالي فون في الحال رڳو هڪ تصور آهي ۽ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان پروٽوٽائپ ماڊل جي تياري ۾ 18 مهينا لڳندا ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.