امتياز خان فاران ڪراچي پريس ڪلب جو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽ پينل جو امتياز خان فاران هڪ ڀيو ٻيهر صدر چونڊجي ويو آهي. پريس ڪلب جي صدارت لاءِ ٻيهر ٿيل پولنگ ۾ ڊيموڪريٽڪ پينل جي امتياز خان فاران 585 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته يونائٽيڊ پينل جي احمد خان ملڪ   479  ووٽ کنيا. واضح رهي ته ٻه هفتا اڳ ٿيل ووٽنگ ۾ محمد امتياز خان فاران ۽ يونائٽيڊ جي احمد خان ملڪ ۾ ووٽ برابر ٿيا هئا. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب هميشه جمهوريت جي استحڪام ۽ آمريت خلاف جدوجهد ڪئي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ جمهوريت لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پينل جي امتياز فاران کي بطور صدر چونڊجڻ مبارڪباد ڏيندي ڪيو. سعيد غني پاران پنهنجي مبارڪباد جي بيان ۾ ڊيموڪريٽڪ پينل جي ڪامياب ٿيندڙ سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن کي اميد آهي ته امتياز فاران ۽ ڪامياب ٿيندڙ هن پوري ٽيم ملڪ، خاص سنڌ صوبي ۾ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.