ايپل جي سستي آءِ فون ’’ايس اي ٽو‘‘ جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ايپل جي سستي آءِ فون ‘‘ايس اي ٽو’’ جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي.

مشهور آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ‘‘ايپل’’ پاران جلد ئي سستو آءِ فون ايس اي ٽو متعارف ڪرايو ويندو جنهن جي قيمت 399 ڊالر هوندي.

سمارٽ فون جون تصويرون ليڪ ڪرڻ جي حوالي سان مشهور ٽوئٽر اڪائونٽ آن ليڪس آءِ فون ايس اي ٽو جا رينڊر ٽوئيٽ ڪيا آهن.

تصوير مان خبر پئجي سگهي ٿي ته موبائيل ۾ 4.7 انچ جي ايل سي ڊي سان گڏ ٽچ آءِ ڊي هوم بٽڻ ۽ بيڪ تي سنگل ڪيمره ڏني وئي آهي، بنيادي طور تي اهو ڊيزائن آءِ فون 8 جهڙو ئي آهي پر رڳو ان ۾ هيڊ فون جيڪ ناهي جڏهن ته ان نئين فون ۾ طاقتور اي 13 بائيونڪ پراسيسر لڳل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.