پاڪستان بابت معلومات:ڊاڪٽر نبيلا سومرو

پاڪستان نالي جو مطلب ” land of pure ” خالص ماڻھن جي زمين آھي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ آھي  . پاڪستان ايراضي جي حساب سان دنيا جو ٣٣ هون وڏو ملڪ آھي جيڪو ٨٨١،٩١٢ چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آھي  . پاڪستان دنيا جي امير ترين ملڪن جي فھرست ۾ ٦ هين نمبر تي آھي .
جابلو ٻڪرو ( Screw Horn Goat ):-
پاڪستان جو قومي جانور national animal ” مارخور ( جابلو ٻڪرو ) آھي .  اھو آءِ ايس آءِ ISI (inter services intelligence ) جو لوگو پڻ آھي .  ھن جو گوشت تمام نرم ، لذيذ ۽ غذائيت کان ڀرپور ھوندو آھي ، وزن به نه وڌائيندو آھي ۽ سياري ۾ گرمي جو احساس به ڏياريندو آھي .
قراقرم ھاءِ وي (kurakoram Highway ):-
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ھموار ھاءِ وي آھي . ھن کي دنيا جو ٨ عجوبو به چوندا آھن جو ھي سڀن کان ھموار ، تمام اوچائي تي بيحد ڏکين حالتن ۽ سخت ترين سرد موسم ۾ ٺاھي وئي . قراقرم ھاءِ وي پاڪستان ۽ چائنا کي ڳنڍي ٿي ۽ ٻنھي ملڪن جا بارڊر خنجراب پاس تي گڏ ٿيندا آھن .
سياچن برفاني ڇپ( Glacier ):-
سياچن گليشيئر دنيا ۾ سڀ کان وڏو ٻيو نمبر گليشيئر پاڪستان ۾ آھي . ھي ننڍي کنڊ subcontinent ۾ سڀ کان وڏو ۽ اڪيلو تازي پاڻي جو ذريعو ۽ ذخيرو آھي . ھي اوڀر قراقرم رينج ۾ ھماليا جبلن ۾ آھي . ھن جي اوچائي ۵،۴٠٠ ميٽر ۽ پکيڙ ٧٠٠ ڪلو ميٽر چورس آھي . ھتي حرارت جو درجو ڪاٽو ١٨ کان ڪاٽو ٦٠ رھندو آھي .
لينسڊآئون پل ( Lansdowne Bridge ):-
پاڪستان جي قديم ترين پل آھي جيڪا ١٨٨٩ ۾ مڪمل ٿي ۽ ان وقت جي دنيا ۾ ڊگھي ۾ ڊگھي ، سخت گرڊر ( Rigid Girder ) پل ھئي. اھا انڊس ريور (سنڌ درياهه) تي پکيڙيل آھي ۽ سکر  ۽ روھڙي شھرن کي ملائي ٿي .
ملير ريور برج (Malir River Bridge ):-
اڄ تائين جي تاريخ ۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي پل آھي جيڪا ۵٠٠٠ ميٽر  ( ١٦،٠٠٠ فٽ ) پکيڙيل آھي ۽ ۴فيبروري ٢٠٠٩ تي مڪمل ٿي . ھيءَ پل حڪومت پاڪستان لڳ ڀڳ ٢.١ ارب روپين جيڪي ١۴ ملين USD ٿين ٿا جي لاڳت جي ماليت سان ٺھرائي آھي .
ڊيم (Dams) :-
پاڪستان ۾ تقريبن ١۵٠ ڊيم آھن ۽ دنيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو تربيلا ڊيم (tarbela dam) پاڪستان ۾ آھي . ان کانسواءِ به تربيلا ڊيم جوڙجڪ ۽ مقدار ۾ دنيا جو پنجون نمبر وڏو Structure آھي .
سفارتي لاڳاپا :-
پاڪستان جا لاڳاپا دنيا ۾ رڳو ارمينيا (Armenia) سان سٺا نه آھن جو ھو نسل پرستي (Genocide) تي يقين رکن ٿا جنھن جي ڪري پاڪستان ارمينيا کي ملڪ تسليم نه ٿو ڪري .
لاھور اورنج لائين ( Lahore Orange Line ):-
اها پاڪستان جي پھرين ميٽرو ٽرين آھي .ھن جي روٽ جي مڪمل ڊگهائي ١.٢٧ ڪلو ميٽر آھي جنھن مان ۴.٢۵ ڪلو ميٽر زمين کان مٿي آھي ۽ ٧.١ ڪلو ميٽر زمين جي ھيٺيان (Under ground ) آھي . ھن جا ڪل ٢۴ اسٽيشن (Stations) آھن .
ريگستان (Desert) :-
پاڪستان ۾ ۵ وڏا ريگستان آھن جنھن ۾ ٿر (Thar ) پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ريگستان آھي ۽ ان جي ايراضي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ١٧۵،٠٠٠ چورس ڪلو ميٽر آھي . صحراءِ خيران (kharan ) ٢٠،٠٠٠٠ چورس ڪلو ميٽر کان به وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ ريتيلو (sandiest) آھي . صحراءِ خيران پاڪستان ملٽري طرفان ايٽمي جانچ ( Nuclear testing ) لاءِ استعمال ٿيندو آھي .  ان کان علاوا صحراءِ ٿل (Thal ) ، صحراءِ چولستان ، انڊس وادي جو ريگستان جيڪو اتر ۾ واقع آھي پڻ پاڪستان ۾ آھن .
بندرگاھون ( Sea Ports) :-
پاڪستان ۾ ٣ وڏيون بندرگاھون ڪراچي سي پورٽ ، محمد بن قاسم پورٽ ۽ گوادر پورٽ آھن ڪراچي بندرگاھ ڏکڻ ايشيا جي وڏي مان وڏي ۽ مصروف ترين گيھري پاڻين جي بندرگاھ آھي جيڪا ڪراچي ۾ واقع آھي  . اھي بندرگاھون پاڪستان جون % ٩۵ واپاري سامان درآمد برآمد ڪن ٿيون .
بارڊر :-
پاڪستان جي اوڀر ۾ انڊيا ، اتر اولھه ۾ افغانستان ، اولھه ۾ ايران ۽ اوڀر طرف چائنا  جو بارڊر آھي . پاڪستان جو بارڊر  سڀ کان وڌيڪ انڊيا سان ملي ٿو جيڪو ٢٨٧٠ ڪلو ميٽر ايراضي تي پکڙيل آھي .
درياهه :- 
دور حاضر ۾ پاڪستان مڪمل طور تي ٣ درياهن جي پاڻي تي مدار رکي ٿو ، ان ۾ درياهه سنڌ جا اولھندي طرف جا ٣ درياهه ڪابل ، جھلم ، چناب ۽ اڀرندي پاسي کان درياهه سنڌ جون ٣ شاخون (tributeries) راوي ، ستلج ، بياس انڊيا کي ڊنل آھن . پاڪستان جو سڀ کان ڊگھو ۽ وڏو درياهه ، درياءِ سنڌ آھي  جنھن جو تمام وڏو حصو آبپاشي لاءِ استعمال ٿي ٿو .
ضلعا ۽ صوبا :-
پاڪستان جا ۴ صوبا ۽ ١٣٢ ضلعا آھن جنھن ۾ سنڌ صوبي جا ٧ ڊويزن ۽ ٢٩ ضلعا آھن .   ايراضي جي اعتبار سان چاغي (chagai ) ضلعو سڀ کان وڏو آھي .
سمنڊ ( Sea and Oceans )
پاڪستان ۾ ھڪڙو وڏو سمنڊ (Ocean ) عربين سي ( Arabian Sea ) آھي جيڪو ڪراچي ، ٺٺو ۽ بلوچستان گوادر کان لنگھي ٿو ھن جي سامونڊي پٽي جنوب ۾   ١،٠۴٦ ڪلو ميٽر تي پکڙيل آھي . ان کانسواءِ عربين سمنڊ شمالي انڊين وڏي سمنڊ سان ۽ ڏکڻ ۾ گلف آف عمان ( Gulf of oman ) سان ملي ٿي .
آدم شماري (Census):-
آدم شماري جي حساب سان ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ سنڌ صوبي جو گادي جو شھر آھي . آبادي جي لحاظ کان ھي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ۵ نمبر تي وڏو شھر آھي . ھي نه صرف صنعتي ، مالي مرڪز ، اقتصادي ، فلسفي ( philanthropic) ،  تعليمي پر سياسي مرڪز به آھي . آدم شماري جي مطابق ٢٠١٧۾  ڪراچي جي آبادي ١۴،٩١٠،٣۵٢ سڀ کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪئي وئي . جڏھن ته آبادي جي حساب سان لاھور ضلعو سڀ کان وڏو آھي . مجموعي طور تي ١١،١٢٦،٢٨۵ آبادي ريڪارڊ ڪئي وئي آھي .
ھوائي اڏو (Airport ) :-
پاڪستان ۾ تقريبن وڏا ننڍا ١٣٩ ھوئي اڏا آھن جن مان سڀ کان وڏو ۽ مصروف ترين جناح انٽرنيشنل ايئر پورٽ آھي .
پارڪ (parks ) :-
سينٽرل قراقرم پارڪ (Central kurakurom park) جيڪو گلگت بلتستان ۾ آھي ، پاڪستان جو سڀ کان وڏو پارڪ آھي .
جنگل ( Jungle ) :-
ڇانگا مانگا پاڪستان جو سڀ کان وڏو جنگل آھي جيڪو قصور ۽ لاھور جي ضلعي ۾ آھي .
ٿڌو هنڌ (Coldest Place ) :-
پاڪستان ۾ سڀ کان ٿڌو ضلعو اتر جي طرف گلگت بلتستان ۾ اسڪردو آھي جنھن جو گرمي پد سياري ۾ -١۵ کان به ھيٺ ڪري پوندو آھي .
گرم ترين علائقو (warmest place ) :-. 
مُهين جو دڙو پاڪستان جو گرم ترين علائقو آھي
       پاڪستان جو قومي پکي  bird چڪور (pheasant ) ، قومي مشروب  drink ڪمند جو رس ، قومي وڻ ديودر سيڊار ( Deodar Cedar ) ، قومي گل flower جاسمين (jasmine ) ،قومي فصل ڪمند ، قومي جبل K2 ، قوي موسيقي جو اوزار (instrument ) دڦ ( dafli ) آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.