”خيال“ جي شاعري تي ويساهه رکندڙن کي ”خيال“ ضرور پڙھڻ گهرجي:امر پيرزادو

زيد پيرزادو نثري نظم جو سگهارو شاعر آھي. تازو سندس شاعري جو پهريون ڪتاب خيال ڇپجي پڌرو ٿيو آھي جيڪو انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ پيڪاڪ پبلشرز ڇپرايو آھي.
زيد گهٽ لکندڙ پر معياري شاعري ڪندڙ شاعر آھي. زيد کي سڀ کان اڳ محمد علي پٺاڻ شاعري تي همٿايو هو ۽ هن زيد جو

نظم
پکين کي پڪڙيو
پکين کي جهپڙيو
ٽي سال قيد ڪيو
انهن تي الزام آ
آزادي جو
ڇڙواڳي جو
هٿرادو قدرن جي سرحدن جا
ليڪا لتاڙڻ جو
هڪ سنڌي ميگزين ”هزار داستان“ ۾ ڇپرايو هو. زيد نوي واري ڏھاڪي ۾ ٻلهڙيجي جي ادبي سنگت ۾ نثري نظم پڙھندو هو ۽ مون کي ياد آھي ته انورپيرزادو ۽ شاهه محمد سميت سڀ دوست هن جي شاعري جي خيال جي ساراهه ڪندا هئا.
سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد طرفان ”ساوڻ رت سڳنڌ مشاعرو“ ٿيو هو اتي زيد جيڪي ٽي نثري نظم پڙھيا هئا اتي بيحد پسند ڪيا ويا هئا. ان مشاعري ۾ انور پيرزادو آثم ناٿن شاهي انور ابڙو بيدل مسرور بدر شاهه شاهه محمد اظھر ٻانڀڻ ۽ ڪيترا ئي شاعر هئا، اهو منهنجو به پهريون مشاعرو هو. زيد جڏھن شاعري پڙھي اسٽيج تان لٿو ته اياز جاني جيڪو اسٽيج سيڪريٽري ۽ ان وقت سنگت جو سيڪريٽري هيو ، چيو ته اوهان زيد جي شاعري ۾ ايم آر ڊي وارو ڪرب محسوس ڪيو هوندو. جڏھن آخر ۾ بابا انور پيرزادي کي اسٽيج تي شاعري پڙھڻ لاءِ گهرايو ويو ته هن چيو ”اوهان منهنجا ٻه خوبصورت نظم زيد ۽ امر ٻڌا هاڻي مان ٽيون پنهنجو نظم ٻڌايان ٿو.“
زيد پيرزادي جو نظم ”سٽيزن شپ“ ملڪ ڇڏي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻھن جي درد جي ڪٿا آھي جنهن جي آخر ۾ چئي ٿو

پنهنجو ماضي وڪڻي
مستقبل خريد ڪرڻ وارو سودو
ڏاڍو ڳرو ثابت ٿيندو آ
ان نظم جو اردو ترجمو آصف فرخيءَ، اردو ۾ نڪرندڙ ادبي رسالي ”دنيا زاد“ ۾ شايع ڪيو هو.
زيد جي شاعري ۾ سماجي مسئلا، ناانصافيون، فرد جي اڪيلائي، رومانوي جذبا ۽ حادثن تي شاعراڻا اظھار ۽ احتجاج ملن ٿا.
پنهنجي وڏي ڀاءُ زبير جي وڇوڙي تي هن ”زندگي جي رلهي“ نظم لکيو هو جنهن ۾ زندگي جي رشتن کي رلهي جي ڪاپن وانگر جڙيل ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڪنهن ڀاتي ء جي وڇوڙي سان اهي ڪاپا اکلجي ڇڄي ٿا پون. اهو تصوراتي نظم درد ۽ تشبيهن جي خوبصورتي سان سلهاڙيل آھي.
زيد جا مختصر نظم به ڌيان ڇڪائيندڙ آھن
ايندي ايندي
ايڏي دير ڪيئه
جو غمگين رهڻ جي عادت ٿي وئي.

هڪ ٻئي نظم ۾ چوي ٿو

ڪاري ٿي وئي منهنجي ڌي
ڌاڙيل ٿي ويو منهنجو نينگر
جيل ۾ واڙي وئي آھيان
وري مان

”ٻيو“ عنوان نالي نظم ڏسو

ٻيو
ڪيڏو چٽو نظر ٿو اچي
۽ پاڻ
ڪيڏو ڌنڌلو !

زيد جي شاعري ۾ پنهنجي ڳوٺ سان محبت وارو جذبو به جام ٿو ملي

ڳوٺ تي هڪ نظم ۾ چوي ٿو
هلجي اتي رهجي اتي
ساوڪون جتي من ساوا ڪن ٿيون
پکي جتي صبح
جو الارم وڄائيندا آھن
ان نظم جي پڄاڻي ڏسو

اسان کي.ملان جي ازان کان
ڪڪڙ جي ازان وڌيڪ پياري آ

هڪ ٻئي نظم ۾ پنهنجي ڳوٺ کي ”وڃايل روح جو اصل ٺڪاڻو“ قرار ڏئي ٿو.
هن دور ۾ جڏھن ڳوٺاڻا، ڳوٺ ڇڏي شھري ٿيڻ تي فخر ٿا محسوس ڪن ان دور ۾ اهڙي شاعري سنڌي ماڻھو کي پنهنجي ڳوٺن ۽ فطرت سان ڳنڍڻ جي احساساتي ڪوشش آھي.
نظم ”اڄ منهنجو وارو هو“، دهشت گردي تي لکيل سموري اهم شاعري ۾ شامل ڪرڻ جهڙو نظم آھي جنهن ۾ اهو پيغام ڏنل آھي ته اسان واقعن جو اثر تيستائين نه ٿا قبوليون جيستائين خود ان وارتا جو شڪار نه ٿا ٿيون ۽ ان کان اڳ ۾ ٻين تي ٿيندڙن ظلمن تي صرف تماشبين بڻجي ڏسندا ٿا رهون.
زيد جي نظمن ۾ سٽون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن
”مردهه پرستي“ واري نظم ۾ لکي ٿو:
موت پڄاڻان مليل ايوارڊ
دفنائي ئي سگهجن ٿا.
نظم ”دوستن جي ڪچهري“ ۾ لکي ٿو
دوستن جون ڪچهريون
زندگي جون وٽامنس آھن

زيد جي شاعري ۾ فيمينسٽ پهلو به نمايان آھي ۽ ان ڏس ۾ هن جا ڪيترائي نظم آھن مثال نظم شاپنگ، جذباتي قدم، پٽ پنهنجو ۽ ڌي ءَ ڌاري، عدت ۽ انسانيت جو سنگسار ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ انهن نظمن ۾ زيد جي روشن خيالي ۽ برابري واري سوچ چٽي ڏسي سگهجي ٿي.
نظم ۾لکي ٿو

پٽ جي شادي لئه
سٺي کان سٺو سڱ ڳولينداسي
پنهنجن ۾ به مليو ته
ٻاهران ڪنوار وٺي ايندا سي
ڌارين ۾ پرڻائي ڇڏينداسي

ڌي جي شادي لاءِ
سڱ پنهنجن ۾ ئي ڳولڻو آھي
انڌو هجي يا ڪاڻو
بس پنهنجو هجي
ڌارين ۾ ڌي ڪيئن ڏيندا سي

پٽ پنهنجو
۽ ڌيءَ ڌاري

خيال جي شاعري تي ويساهه رکندڙن کي خيال ضرور پڙھڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.