ٻلهڙيجيءَ جو سنڌي نثر:رکيل مورائي

اقرار پيرزادي جو ڪتاب جن سين لنئون لاڳي (2015ع)
هر لکڻي نظم توڻي نثر جي پاڻ ۾ آندل موضوع سان گڏ پنهنجي لاءِ هڪ اسلوب به کڻي ايندي آهي، جنهن اسلوب ۾ ٻوليءَ جو اهم حصو هوندو آهي، پر ان ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ليکڪ جو پنهنجو ڪرشمو هوندو آهي، ائين آهي ته پوءِ اقرار جي ڪتاب جي ٻولي هڪ ننڍڙو ڪرشمو آهي، ان ڪري به جو اُها لکڻ واري گهٽ آهي، ڳالهائڻ واري وڌيڪ آهي، پر هن لکت ۾ آڻي اقرار هڪ ڪرشمي سازي ڪئي آهي.
اقرار جي ڪتاب جي هڪ الڳ خوبي اها به آهي ته اهو ڪنهن فلسفي يا نظرئي هيٺ لکيل نه آهي، اهو ادبي حوالو بڻجڻ لاءِ آهي، جنهن ڪري ان کي تڪراري هجڻ جو ٺپو نه لڳندو. هيءُ ڪتاب/خاڪن جي ذمري ۾ اچي ٿو، جنهن جا لکندڙ سنڌ ۾ بنهه گهٽ رهيا آهن، مضمون وغيره گهڻا لکندڙ آهن ۽ گهڻا ٿي رهيا آهن پر ايترا نه جيترا شاعر ٿي رهيا آهن.
سنڌي ادب ۾ جن به وڏي نالي وارن اديبن خاڪا لکيا آهن انهن جو وڏو حصو خاڪي نگاريءَ کان ٻاهر آهي، البت اردوءَ ۾ اهڙا ڪيترائي خاڪن جا ڪتاب موجود آهن، ائين دنيا جي ٻين ٻولين ۾ پڻ!
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ماڻهن جو خاڪي نما ذڪر جيڪڏهن ملي ٿو ته اهو پهريون ڪتاب ” اهي ڏينهن اهي شينهن“ آهي، جنب گذاريم جن سين ۾ خاندانن جا خاڪا پروفائيل آهن هن ڪتاب جو مزاج ٻيو آهي. اقرار جو ڪتاب ان ڪتاب جو تسلسل آهي، واڌو اهو ته هيءُ سمورو ڪتاب اهڙن شخصن جي نالن سان ڀريل آهي جن نالن جو نه هن ڪتاب کان اڳ ڪڏهن لکت ذڪر ٿيو آهي ۽ نه ئي وري اڳتي هلي ٿيڻ وارو هئو، ڇاڪاڻ جو هيءُ ماڻهو اهڙا آهن، جن کي ادب جو حصو بڻائڻ لاءِ سنڌي اديب شايد تيار نه ٿين. پر اها پڪ آهي ته اقرار جو ڪتاب جڏهن سچ پچ سنڌي ادب جو حصو بڻبو، تڏهن ڪتاب جا سڀ ڪردار ادب جو اٽوٽ حصو بڻبا، جيستائين ائين ٿئي، تيستائين اسان وٽ هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي اهم امانت آهي.
سنڌي اديب پنهنجي پنهنجي دائرن جي ٽمورتين ۽ چئه يارين جي دائري کان جڏهن ٻاهر نهاريو ته هيءُ ڪتاب سندس جهول ۾ پوندو ۽ هن ڪتاب جو بار سنڌي ادب ۾آيل ڪيترن ئي ڪتابن کان وڌيڪ محسوس ٿيندو سنڌي ادب کي!
هن ڪتاب ۾ آيل ماڻهون جن کي ڪتاب اچڻ کان اڳ فقط اقرار ۽ ان جو آس پاس ڄاڻندو سڃاڻندو هئو، انهن کي اڄ سڄي سنڌ سڃاڻڻ لڳي آهي، اهو سچ آهي. هيءُ ڪردار جنهن سوسائٽيءَ ۾ ڄاوا نپنا آهن، اها سنڌ جي ادنيٰ سوسائٽي هئي ۽ آهي جنهن مان اڀري هي ڪردار پنهنجو اعليٰ روپ ظاهر ڪري بيٺا آهن، سچ ته ادنيٰ سوسائٽيءَ ۾ پنهنجو اعليٰ روپ ظاهر ڪرڻ ۾ جيڪي عمل شامل هجن ٿا هنن ڪردارن جي حوالي ۾ اهو عمل اقرار جي ٻولي آهي، جيڪا ممڪن حد تائين سندس نجي آهي، ان ۾ سنڌي ادب جي ڪتابن جو ڪو به عمل دخل گهٽ آهي، اها ٻولي ڳالهائڻ لاءِ وڌيڪ آهي، اقرار کي ان لکيت ۾ آڻي هڪ نجو تحفظ ڏنو آهي، سندس اها حاصلات ادب ۾ ياد رکڻ جهڙي آهي، جنهن حوالي لاءِ ڪيترائي جملا، سٽون، پئرائون، صفحا ڪوٽيبل (Quotable) آهن، جن کي هن ليک ۾ آڻڻ کان مون ڄاڻي واڻي لنوايو آهي صفحن وڌي وڃڻ جي خوف سبب!
اقرار انهن ڪردارن تي نظر ڌري آهي، جن تي هن تيز ڊوڙندڙ دور ۾ نظر پوندي ئي نه آهي، پڪ سان انهن ڪردارن پنهنجن نجين لياقتن ۽ ڳڻن جي ڪري هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي ۽ ليکڪ انهن ڏانهن مناسب ڌيان ڏنو آهي، جنهن معرفت سنڌي ادب انهن ڏانهن متوجهه اوس ٿيڻو آهي اقرار جي ٻي حاصلات اها آهي.
هن ڪتاب ۾ اهي شخص اچي ويا آهن جيڪي يا جن مان گهڻا اديب ۽ ادب دوست نه آهي ٻين فنن سان لاڳاپيل آهن پوءِ به ادب ۾ شامل ٿي ادب جو حصو بڻيا آهن، ان اٺ ڪاٺئي ڪم کي اقرار آسان بڻايو آهي، اها سندس ٽين حاصلات آهي.
ويجهڙ ۾ اهڙو نيڪ ڪم عزيز گوپانگ پڻ ڪيو آهي پر هنن ٻنهي جي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. ادب ۾ پاسخاطريءَ نه ڪرڻ جي مثال ۾ به هن ڪتاب جو نالو کڻي سگهجي ٿو، ان مثال لاءِ هن ڪتاب ۾ اهو خاڪو پڙهي سگهجي ٿو جيڪو ”جي هاڻو هونئي مِٽ“ جي عنوان سان آهي ۽ جنهن شخص تي لکيل آهي ان جو نالو آهي اڪن پيرزادو! گڏوگڏ اهي مٽيءَ هاڻا ماڻهو، پاندجن جي پاند سين، لڳي ٿئي لڄ.
هنن ادنيٰ ماڻهن جي آس پاس، سنڌ جي اها سونهن آهي جيڪا ثقافت جي آهي، ٻوليءَ جي آهي، قدرت جي آهي، دلين جي آهي، اهي دليون جن ۾ بغض، ٻيائي/سانڍڻ جي گنجائش نه آهي، ٻيائيءَ جي ويجهو وڃڻ جي جڳهه نه آهي، اها مڙئي مٺائي آهي، رڳو چيت ڪري چکڻ جي گهرج آهي.
”جن سين لنئون لاڳي“ ۾ آيل اهي سڀ ڪردار اهڙا آهن جيڪي ثقافتون/تهذيبون اڏيندا آهن، قدر ٺاهيندا آهن دليون ڳنڍيندا آهن. اهميت ڀري ڳالهه هيءَ ته اُهي شخص پنهنجي قول توڻي فعل ۾ ان سڀ جو مثال پاڻ هوندا آهن، منهنجي دلبر دوست مسعود جي والد فقير يار محمد کي منهنجي گنگهار اکين نه رڳو ڏٺو پر ساڻس ڪي گهڙيون ڪچهري به ٿي هئي، اقرار جو خاڪو فقير يار محمد تي لکيل خاڪو نه آهي، اها اکرن ۾ اُڪيريل سندس هوبهو تصوير آهي، جنهن جا رنگ ان کان الڳ ڪري نٿا سگهجن.
هيءُ خاڪا اهڙا آهن جن کي، ادنيٰ ماڻهن جا اعليٰ ترين روپ ڪوٺي، خوش ٿيڻ جو سبب پيدا ڪجي ٿو ۽ اها خوشي سچ پچ روح مان ڦٽي نڪرندي آهي، جيئن اقرار جي اندر مان ڦٽي نڪتي آهي، جنهن سبب هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ آيل شخصن بابت ڪا به مصنوعيت انهن ۾ نه آئي آهي، اُهي جيئن آهن ۽ ان سان گڏ اقرار انهن کي جيئن ڏٺو آهي، ائين اظهاريو آهي. ڪو به ٻيو ليکڪ انهن ئي ڪردارن کي ائين اظهاري اهو ضروري نه آهي، ڇاڪاڻ ته اقرار جي انهن کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي اک ۽ دل پنهنجي آهي، ٻئي ڪنهن جي به اک ۽ دل پنهنجي هوندي.
منهنجو علم ۽ سمجهه مون کي اُهو چوڻ/لکڻ تي اتساهي رهي آهي ته مان ائين چوان/لکان ته هيءُ ڪتاب ٻلهڙيجي جي دائري ۾ سرجيل ادب جي مرتبي ۾ ته وڌارو ڪندڙ آهي ئي آهي پر اڄ جي سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب جي موجودگي ڪيترن اهڙن ڪتابن کي پوئتي ڇڏي ويندي، جيڪي خاڪا نگاريءَ جي دائري ۾ غير ضروري طور مڙهيا ويا آهن، قبوليت رضاڪاراڻي هجڻ گهرجي.
آخري لفظن طور مون کي رڳو اهو چوڻو آهي ته هن ڪتاب جو نثر قبول ڪرڻ جي حد تائين ٻلهڙيجي، واڌو پيرزادا اسڪول آف ٿاٽ کان بنهه الڳ آهي. جيڪا قبوليت خود ٻلهڙيجي جو عملي ادبي مرتبو وڌائي ٿي، اهو شايد هن وقت ورجاءُ آهي!
هڪ ڳالهه ٻي به چٽي طرح ڪيان ته مان هن بيحد اهم ڪتاب جي باري ۾ اهڙا لفظ چوڻ/لکڻ بنهه چاهيندس جن تي اڳتي هلي مان پاڻ بيهي نه سگهان! پوءِ به پڪ سان منهنجو چوڻ/لکڻ هيءُ آهي ته پنهنجي دائري ۾ هن ڪتاب جو پڙهڻ مون لاءِ هڪ ادبي تسڪين جو سبب بڻيو آهي، جيڪا تسڪين منهنجا همعصر ۽ همعمر، نثر جي ۽ خاص طور خاڪي جي صنف ۾ بنهه نه ڏيئي سگهيا آهن اهو ڪڙو سچ آهي پر منهنجو سچ آهي.
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي آتم ڪٿا 2016:
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي صاحب جي آتم ڪٿا، کي مان فقط ڪٿا جي دائري ۾ آڻيان ٿو. هيءَ اهڙي ڪٿا آهي، جيڪا هڪ نيڪ شخص، ساڳئي وقت خدا ترس به، جي ڪٿا آهي، هڪ شخص جيڪو پنهنجي لڳ ڀڳ ڇهن نسلن تائين، هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ائين هيءُ ڪتاب هڪ خاندان جي اڄ تائين ڇهن نسلن جو اهڙو سلسلو آهي، جيڪو ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ قلبند ڪيو آهي ته جيئن ايندڙ نسلُ ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سڀ نسل پنهنجي خاندان جي اوسر کان به واقف هجن ۽ انهن جي خدمتن کان پڻ واقف هجن. هيءَ ڪٿا جيڪا هڪ دستاويز پڻ آهي هڪ خاندان سميت اڄ جو چهرو ڏيکاريندڙ ٻلهڙيجيءَ جو، ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب جو به.
سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي حوالي ۾ پنهنجو نرالو مرتبو رکندڙ ٻلهڙيجيءَ بابت هيءُ ڪتاب ايندڙ نسلن جي نه رڳو رهنمائي ڪندو، پر هن شهر کان ٻاهر جنهن به پڙهيو آهي يا جنهن کي به پڙهڻ نصيب ٿيندو اهو ان خواهش جي ڇانَو ضرور ڳوليندو ته ڪاش منهنجو به ڳوٺ اهڙو هجي پر ائين ٿي ڪو نه سگهندو.
ائين ضرور آهي ته جيڪڏهن هن کنڊ جي مڙني ڳوٺن جو اڌ انگ به ورهاڱي کان اڳ ٻلهڙيجي جهڙو باشعور هجي ها ته اڄ هن کنڊ جو روپ ڪو ٻيو هجي ها، مان ائين سمجهان ٿو.
سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن جيڪي پنهنجون الڳ الڳ سڃاڻپون رکن ٿا، پر ٻلهڙيجي هڪ ئي وقت کان وڌيڪ سڃاڻپون رکندڙ آهي، جنهن شخص کي اهڙو دستاويزي ثبوت کپي ته هيءُ ڪتاب اهڙو آهي.
ٻلهڙيجي جا پيرزادا جن جو هن ڳوٺ کي علمي ادبي ڳوٺ بڻائڻ ۾ اهم رول آهي، ان رول جو به اکين ڏٺو احوال هيءُ ڪتاب آهي، بنهه سادي، سڌي سنواٽي ۽ وڌيڪ اهو ته سچي پيرائي ۾ نه ان ۾ ڪنهن قسم جي مصنوعيت نه وڌاءُ ۽ نه پاڻ پڏائڻ جي خواهش ۽ اهڙي خواهش جو اظهار.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خاندان جي غربت، خودداري ۽ ايمانداريءَ جو جيڪو بيان ڪيو آهي اهو خود ايتري ايمانداريءَ سان لکيل آهي، جيتري ايمانداريءَ سان آتم ڪٿا لکبي نه آهي. هڪ سبب اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب عملي ماڻهو آهي، سڌو سنئون اديب نه آهي جو پنهنجي ڪٿا کي فڪشنائيز ڪري ها!.
ڪتاب کان ٻاهر ڏٺو ۽ ٻڌو اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادا خاندان جي اڄوڪي تصوير جوڙيندڙ اڪيلو شخص آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.
جيڪڏهن اهو سچ آهي ته خاندان مان هڪ شخص پنهنجي پيرن تي مضبوطيءَ سان بيهي ويندو آهي ته اهو سموري خاندان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهندو آهي، ته پوءِ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو اهڙو شخص آهي جنهن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به وڌاءَ کان سواءِ هن ڪٿا ۾ موجود آهي.
هن شخص پاڻ کي ۽ پنهنجي خانداني ارتقا کي ائين ئي اظهاريو آهي، جيئن اها آهي ۽ ان ڪري هن ڪتاب جي اهميت هڪ خاندان جي شجري واري به آهي ۽ ان خاندان جو اڄوڪي ٻلهڙيجي ۾ جيڪو حصو آهي، هيءُ شهر ڪيئن ڄائو، وڌيو ۽ ويجهيو آهي ان جي ڪجهه ڄمار جو پڻ هن ڪتاب ۾ دستاويزي طور ثبوت مهيا ڪيو ويو آهي ان کان اڳتي اڄ جي نوجوانن جو ڪم آهي. هڪ شخص ۽ ان جي خاندان جي اهڙي ڪٿا، هر سنڌيءَ کي لکڻ گهرجي، ائين اهي سڀ ڪٿائون گڏبيون ته سنڌ جي ڪٿا جڙي پوندي، جنهن کي عالم ۽ اديب تاريخ/هسٽري چوندا آهن.
ائين ضرور آهي ته ٻلهڙيجي کي اڄ جي شڪل ۾ آڻڻ وارا پيرزادن کان سواءِ ڪي ٻيا خاندان پڻ هوندا، انهن بابت اسان جي انهن دوستن کي لکڻ کپي جيڪي تاريخ جي الڳ الڳ پاسن تي لکڻ جو شوق رکن ٿا. منهنجي لکڻ جو دائرو، چئين ڪتابن جي آس پاس آهي، جن مان چوٿون ڪتاب اڄ تائين ملي نه سگهيو يا ڇپجي نه اچي سگهيو آهي. مجموعي طور تي ٻلهڙيجي جي نثر جو دائرو گهڻو ويڪرو آهي جنهن تي تفصيلي لکڻ جي اڄ به گهڻي گهرج رهي ٿي.
هن ڪتاب جو نثر ائين آهي جيئن ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت آهي عملي، بنهه تُز، جنهن ۾ ڪو به ور وڪڙ نه، سڌي راند سونٽي جي! ۽ اهڙي لکڻ جي پنهنجي سونهن هوندي آهي، جيڪا سونهن هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي سچن واقعن وڌائي ڇڏي آهي، مها ڪوي اياز جون هيءُ سٽون هن ڪتاب سان بنهه ٺهڪي اچن ٿيون ته:
ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سچ وڏي شئي آهي،
۽ جو سچ مچائي،
سو مچ وڏي شئي آهي.
ان کانپوءِ پيرزادا خاندان جو اهم فلسفو جيڪو هن ڪتاب جي سموري سگهه بيان ڪري ٿو، اهو آهي ان خط جي هڪ سٽ جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”بابا ڀائر ٿجو پر يار به رهجو ڇاڪاڻ ته يار مهل جا هوندا آهن“. مون کي فقط ايترو چوڻو آهي. ها! البت ٻلهڙيجي جي حوالي ۾ ڪي نالا اهڙا به آهن جن جا ڪتاب ڀل نه آيا هجن پر انهن جي نثر ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڏاڍو موهيو آهي، زرار پيرزادو ۽ الطاف پيرزادو ته انهن ۾ آهن ئي آهن.
شاهه محمد پيرزادي جو ڪتاب ڀورائيءَ ۾ ڀال 2017:
شاهه محمد پيرزادي جو ڪتاب ”ڀورائيءَ ۾ ڀال“ پنهنجي پهرين ئي صفحن ۾ هڪ چٽائيءَ ڪري ڇڏي ٿو. جيڪا اڄ جي تاريخ تائين سچ آهي جنهن سان اسهمتيءَ جو سبب نه آهي، ٺاهي سگهجي ٿو ” مدي پائي من ۾“.
سندس لفظن ۾ ”1947ع واري ورهاڱي جي نتيجي ۾ هن ڳوٺ جا هندو هندوستان لاڏاڻو ڪري ويا، ان خال کي تعليم ۽ علم ادب جي ميدان ۾ پيرزادن جي خاندان ڀريو.“
اڄ تائين ايندي، ٻلهڙيجي جو علم، ادب ۾ حصو لڳاتار هلندو اچي اهو به سچ آهي، جنهن جو مثال اڄوڪو ڏهاڙو به آهي جيڪو سڀاڻي جڏهن ماضي بڻبو ته تاريخ جو حصو ٿي ويندو ۽ اڃا به اڳتي هلي، اهو ٻلهڙيجي جو حصو تاريخ پاڻ الڳ ڪري ظاهر ڪندي. جنهن لاءِ ڪنهن به تڪڙ جي ضرورت نه آهي، ٻيءَ طرح اڄ جي تاريخ ۾ شاهه محمد جي لکڻ موجب، ٻلهڙيجيءَ جي ليکڪن جي ٽئين نسل جو پهريون حصو اهڙو آهي، جيڪو تڪڙ ڪرڻ کان بنهه پري آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ کائنن پوءِ آيل نسل کي تڪڙ ڪجهه وڌيڪ آهي. جيڪا وري شاهه محمد جي لکت موجب، سندن خانداني گڻ کان انحرافي آهي، يا ان کان پري آهي، ڪتاب جي صفحي ارڙهين تي خانداني ڳڻن جي نمبر پهرين طور ڄاڻايل آهي سندس لفظ آهن:
1- ”اسان جي وڏڙن ۾ خود نمائي ۽ مشهوريءَ واري طلب کي معيوب ۽ ناپسنديده سمجهيو ويندو آهي“ منهنجي لفظن ان گُڻ، جي پاسداري هن نسل مان فيض ۽ شاهه محمد جي نصيب ۾ ئي آهي ۽ سئو سيڪڙو آئي آهي، هاڻ ان ئي دائري ۾ مان هن ڪتاب کي کڻن چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب پاڻ ان جو هڪ مثال آهي.
ڪتاب ۾ ڪنهن به طرح شاهڪار/شاندار نثر جو ڀرم شاهه محمد نه پاليو آهي. جيئن هو پنهنجي نظم لکڻ وقت ڪنهن به مصنوعيت کان آجو هوندو آهي، تئين هن ڪتاب لکڻ وقت به آجو آهي، هو اوريجنل آهي، نج آهي، سندس اهو نج پڻو ڪتاب جي سب ٽائيٽل تي آتم ڪٿا نه لکي، جيون ڪٿا لکڻ مان ظاهر ٿي بيٺو آهي، پڪ سان جڏهن آتم کي نه سنڀالي سگهجي ته جيون سنڀالڻ اوس ئي ٿي پوندو آهي ۽ شاهه محمد پنهنجي هن ڪتاب ۾ توڻي ڪتاب کان ٻاهر بلڪل ائين آهي.
سندس نظم ۾ اهڙا ڪيترائي حوالا آهن پر اوڏانهن نه وڃي سندس هن جيون ڪٿا مان ڪيترائي اهڙا احساس ۽ اظهار نڪري اچن ٿا. جيڪي سهمتي توڻي اسهمتيءَ جي صورت ۾ به ڪنهن شخص جي ويچارڪ هجڻ وارين تارن کي ڇيڙين ٿا، منهنجي مطالعي هيٺ ايل هن ڪتاب ۾ شاهه محمد جو اهو سفر آهي، جيڪو سمورو نه آهي، وچوواڙيءَ آهي، تڪڙو آهي يا چوڻ گهرجي ته هي ڪتاب سندس سموري جيون ڪٿا جي مهاڳ طور يا نموني طور آهي، جنهن مان هن جي آس پاس جو توڻي آر پار جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب مان ٻلهڙيجيءَ جي اوسر به ظاهر ٿئي ٿي ته ان جو آس پاس تي اثر به ظاهر ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ليکڪ جي خواهش به ظاهر ٿئي ٿي ته هيءُ ڳوٺ/شهر ڪيئن هجڻ گهرجي.
شاهه محمد جتي جتي پنهنجي خاندان جي ليڪي ۾ آهي، مان اتي اتي ٻاهران گذران ٿو جتي جتي پنهنجي ليڪي ۾ آهي، اتي اتي هو بيحد ايماندار ليکڪ طور ظاهر ٿيو آهي، پوءِ به آس پاس جي ڪنهن به لکندڙ جي اسهمتيءَ سان گڏ هوندس. شاهه محمد جو هن ڪتاب ۾ توڻي زندگيءَ ۾ آئيڊيل شخص هن جو والد آهي ان کان ٻاهر ادب، سياست، مذهب، ۾ هُو پنهنجي چاچن جي اثر هيٺ ڪجهه عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ ئي آهي. خاص طور تي انور پيرزادي صاحب جي. ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي صاحب جي، هڪ شخص جي حوالي ۾ هن جيڪا پنهنجي سعادتمندي ظاهر ڪئي آهي اها هن جي روحانيت پڻ ظاهر ڪري ٿي. هن منهنجي استعمال ڪيل لفظ سعادتمنديءَ کي، مون پنهنجي نيڪ خواهش يا اندر جي اجرائي طور استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو نماءُ نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن پاسخاطريءَ جو عمل دخل آهي.
ادب توڻي سياسي حوالي ۾ هو پنهنجي ڪتاب ۾ چٽو آهي. ڪنهن به مونجهاري کان سواءِ! جيستائين روحانيت جو واسطو آهي، اتي به هو پاڻ نج آهي روحانيت کي هن شخصي طور قبوليو آهي، مذهبي تبليغ طور بنهه نه، پر سچ اهو آهي ته شايد ڪو به مذهبي عالم ائين روحانيت عام ماڻهوءَ کي سمجهائي نه سگهي شاهه محمد جو ڪتاب پڙهي گهڻو ڪجهه سمجهڻ ۾ آيو آهي جيڪڏهن ڪي ڪوٽيشنس ڏيڻ به ضروري ڄاتا وڃن ته ڪجهه هي آهن:
مذهب-مذهب مون کي قرآن پاڪ جي ترجمن ذريعي نه پر روميءَ ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ذريعي آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ آيو آهي
روحانيت-جيڪا ڳالهه مون کي (روحانيت ۾) سڦلتا جو احساس ڏياري ٿي اها آهي ذاتي تجربو.
ادب-هر اديب کي پنهنجي مرضيءَ سان رستو طئه ڪرڻو آهي، ڪنهن سياسي ڌُر جو ڳيجهو ناهي بڻجڻو.
سياست- ۽ سياست تي هن جيڪا غضبناڪ سٽ لکي آهي، اها مون کي سنڌي جديد ادب جي اهم نقاد ۽ خالق آنند کيماڻيءَ جي ان سٽ ڏانهن وٺي آئي آهي جيڪا منهنجي دل تي اُڪريل آهي هو جديد ادب جي ٽمورتيءَ طور لکندو هو. موهن، گنو ۽ راج، جڏهن راج گيتا جي عشق ۾ ادب کان الڳ ٿي گيتا سان گهارڻ لڳو ته آنند ٽيون نالو لال پشپ ڳنڍيو. ڪيترن حيلن کان پوءِ به هن نالن جي نمبرن کي اڳتي پوئتي نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته جيڪو مرتبو هن جنهن کي ڏيڻ پئي چاهيو، ان ۾ هن بي ايماني نه ڪئي. ساڳي ايمانداري هڪ ليکڪ/ويچارڪ شاهه محمد جي هن پئرا ۾ آهي.
1- ”هاڻي جيڪڏهن سياسي هلچل ميدان ۾ آهي ئي ڪو نه ته اها ناڪامي سياسي ڌرين جي آهي. جنهن ۾ نام نهاد ڪميونسٽ، قومپرست ۽ جمهوريت پسند، سڀ اچي وڃن ٿا. اديب جيڪر انهن کان پڇي ته توهان پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه ٿا ڪيو؟ بجاءِ ان جي ته اديب کان سوال ڪيو وڃي.!“
هن ڪتاب جي نجي اهميت اها به آهي ته هن ۾ فقط تنقيد نه آهي، الهجاءُ نه آهي، سُلجهاءُ پڻ آهي، قبول ڪرڻ جهڙا/ نه ڪرڻ جهڙا، ليکڪ پنهنجا نتيجا ڏنا آهن. اهي ويچارڻ لاءِ ذهن تي دٻاءُ وجهن ٿا.
مان ڀايان ٿو ته گهڻي وقت کان پوءِ ڪو اهڙو ڪتاب به سنڌي ادب کي مليو آهي. جيڪو رضاڪاراڻي نموني سوچڻ تي آماده نٿو ڪري پر دٻاءُ وجهي ٿو، ڪجهه ويچارڻ لاءِ، الڳ الڳ دائرن ۾. جيڪڏهن ڪي ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ لهرون پيدا ڪري سگهندا آهن ته هن ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب لاءِ هيءُ ڪتاب اهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جڏهن به پڙهيو ويو ته! پر شرط اهو آهي ته هن ڪتاب کي ڪنهن به غصي کان سواءِ پڙهيو وڃي ڀٽائي ٺيڪ ٿو چوي!
محبت مائي من ۾….!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.