نارائڻ شيام جي اباڻي علائقي ساهتيه مان نارنگين جي ايڪسپورٽ :سدا حيات جلباڻي

سنڌ جي سٻاجھڙي شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام جي ورهاڱي کان اڳ واري اباڻي علائقي ساهتيه جون نارنگيون قديم زماني کان مشهور رهيون آهن. خاص ڪري ٺارو شاهـ نارنگين جي ڀلن باغن طور شهرت رکندو هو.نارنگيون ترشي ميون ۾ شمار ٿين ٿيون. ليما، گري فروٽ، مالٽا ۽ سنگتڙا وغيره بـ ترشن ميون ۾ ڳڻجن ٿا.ايڪسپورٽ جي سگھ (ايڪسپورٽ پوٽينشل) رکندڙ نارنگي هڪ ڏاڍو ڪارائتو ميوو آهي. ان جي دنيا جي گھڻن ئي ملڪن ۾ وڏي طلب آهي. ايڪسپورٽر اميد لڳايو ويٺا آهن تـ هاڻوڪي مند ڊسمبر کان اپريل ۾ هن ميوي جي ايڪسپورٽ ٻـ سو ملين ڊالر ٿي ويندي. پروڪي سال اهو انگ پوڻا ٻـ سو ملين ڊالر هو. اسپين، مراڪش، مصر جون نارنگيون چار سو ڊالر في ٽن وڪامن ٿيون. اسان جي نارنگين کي گھٽ اگھه ملي ٿو. گھٽ اگھه ملڻ جو هڪ سبب اهو آهي تـ ٻين ملڪن جو نارنگيون بنا ٻج (سيڊ ليس) ٿين ٿيون. اسان جو ٻج واريون آهن.
اها عام سُڌ آهي تـ سنڌ ۾ ڪنڊيارو، هالاڻي، بهلاڻي، ڀريا ۽ درٻيلو ۾ نارنگين جا وڏا باغ لڳل آهن. افسوس جي ڳالهـ اها آهي تـ سنڌ جي نارنگين جي ايڪسپورٽ وڌائڻ طرف وفاقي حڪومت پاران ڪو ڌيان ڪين آهي. ان جو ثبوت اهو آهي تـ نومبر ۾ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊٽسٽري جو پنڌرنهن ڄڻن تي ٻڌل وفد (ڊيلگيشن) انڊونيشِا جو هڪ سڄي هفتي تائين سرڪاري دورو ڪيو آهي. هر هڪ ڊيليگيٽ کي وفاقي حڪومت جي پاليسي مطابق اڌ ٽڪيٽ جو خرچ ۽ هڪ رات جا هڪ سو ڊالر ڏنا ويا آهن. دورو ٿيڻ واري ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي اچ وڃ لاءِ پاڪستاني سفارتخاني پاران سرڪاري گاڏين جي سهولت بـ مليل هئي. ڪيڏي نـ حيرت جي ڳالهـ آهي تـ پندرهن ڄڻن واري وفد ۾ سنڌ مان نارنگين جو هڪڙو زميندار بـ شامل نـ ڪيو ويو هو. وفاقي حڪومت جي اتحادي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻن، خاص ڪري پير صاحب پاڳاري ۽ نارنگين جي سرزمين نوشهرو فيروز جي نمائندي غلام مرتضئٰ خان جتوئي، کي گھرجي تـ سنڌ سان هن صريح ناانصافي طرف وزيرِاعظم عمران جو ڌيان ڇڪائين. هاڻي بـ ڳالهـ ختم نـ ٿي آهي. نارنگين جو فصل اپريل مهيني تائين ايڪسپورٽ ڪري سگھبوآهي. وفاقي واپار واري وزارت تي لازم آهي تـ اڳتي وڌي نوشهرو فيروز ضلعي جي باغاين جو هڪ وفد انڊونيشيا روانو ڪري. نوشهرو فيروز جي وفد کي بـ اهي ئي سهوليتون يعني اڌ ٽڪيٽ جو خرچ، ۽ هڪ رات لاءِ هڪ سو ڊالر ملڻ کپن، جيڪي سرگوڌا واري وفد کي ڏنيون ويون هيون.
انڊونيشيا سان گڏ و گڏ، نارنگيون ملائيشيا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت ٻين نار واري رياستن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪري سگھجن ٿيون. اهڙي ريت خبر آهي تـ روس پاڪستاني نارنگين جي امپورٽ تي لڳل پابندي هٽائي ڇڏي آهي. نارنگين جي پروسيسنگ، گريڊنگ ۽ پيڪنگ وغيرهـ جي ڪم لاءِ مزدورن جي گھڻي ضرورت ٿيندي آهي. اهڙي قسم جي فيڪٽري جي نوشهرو ۾ ڏاڍي ضرورت آهي. سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان اها ضرورت پوري ڪري سگھجي ٿي. ٻجھي پيو تـ نوشهرو فيروز ۾ هڪ صنعتي زون تيار ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اخبارن ۾ اشتهار بـ ڇپجي چڪا آهن. هاڻي ڪم کي اتان کڻجي جتي ڇڏيو ويو هو. نوشهرو فيروز واري هنڌ تي نارنگين جي پروسيسنگ، گريڊنگ ۽ پيڪنگ فيڪٽري ٺهندي تـ ايڪسپورٽ لاءِ معياري مال تيار ٿيندو. جنهن سان عالمي منڊيءَ ۾ نارنگين جا بهتر اگھ ملندا. علائقي ۾ صنعتي چرپر ٿيڻ سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقع پيدا ٿيندا. ائين ٿيڻ سان نوشهرو فيروز ۽ آس پاس ۾ خوشحالي ايندي. نارنگين ۽ ٻئي ترش ميوي جا ٻاغ لڳندا. سمورو ساهتيه خطو سڌري پوندو. ماڻهن مان احساسِ محرومي ختم ٿيندو.
اهو بهترين موقعو هوندو تـ اسپين وغيرهـ مان چڪيون گھرائي نارنگين جي بنا ٻج واري جنس جو تعارف ڪرايو وڃي ۽ ٻئي ترش ميوي جا وڌيڪ باغ لڳرايا وڃن. آئي ايم ايف سميت ٻين جي در تي ڊالرن جو سوال ڪرڻ بدران پنهنجي مال جي ايڪسورٽ وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن. اها ئي خودداري واري واٽ آهي. ائين ڪري قومن جي برادري ۾ اوچو ڳاٽ ڪري هلبو. پنڻ وارن کي سڀ ڌتڪاريندا آهن.
شيخ اياز جو هي شعر ڪيڏونـ اتساهـ ڏيندڙ آهي.
سڄو ڏيهـ ڪري جي ڏاٽا اڀا،
لکين عيد جا چند اڀري پون.
مرشد ڀٽ ڌڻي پڻ فرمائي ٿو:
ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي.
قدرت وٽ اسان لاءِ سوين سوين سوکڙيون آهن. پر اهي جاڳڻ سان ملنديون. ننڊون ڪندي نـ ملنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.