ٽوئيٽر جو   آن لائين بدسلوڪي کي روڪڻ جو فيصلو

 سوشل ميڊيا ٽوئيٽر اعلان ڪيو آهي ته آن لائين بدسلوڪي کي روڪڻ لاءِ هو واهپيدارن کي ئي ڪنٽرول ڏيڻ جي طريقن جو جائزو وٺي رهيو آهي.

ڪمپني پنهنجي اڪائونٽ تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو  ٽوئيٽر تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي محفوظ بڻائڻ لاءِ واهپيدارن کي ڪنٽرول ڏيڻ چاهين ٿا.

ڪمپني جي عهديدارن لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ ان قسم جا تفصيل ٻڌايا.

ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو ته جيڪو سڀ کان سخت ايڪشن هوندو اُهو  اِهو هوندو ته ٽوئيٽر واهپيدار ڪنهن کي به پيغام موڪلڻ يا ان تي رد عمل کان روڪي سگھي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ٽڪ ٽاڪ وڏي پابندي مڙهي ڇڏي

ٽوئيٽر موجب رڳو واهپيدار وٽ ڪنٽرول هجي جنهن تحت هو پنهنجي مرضي سان ٻين واهپيدارن کي پيغام موڪلڻ يا رد عمل جي اظهار جو موقعو ڏئي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڪمپني جي سربراهه سوزان زي چيو ته اسان سوچيو ته اسان واهپيدارن جي هٿن ۾ ڪنٽرول ڏئي ڇڏيون.

هن چيو ته هن وقت  ٽوئيٽر تي عوامي ڳالهه ٻولهه اها آهي ته اوهان ٽوئيٽ تي ڪجهه اهڙو ڪيو جيڪو دنيا ۾ هر ڪو ڏسي ۽ هر ڪو جواب ڏئي، يا اوهان ڪنهن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ايڇ پي جو نئو طاقتور آل ان ون ڪمپيوٽر

سندس چوڻ هو ته آن لائين بدسلوڪي ٽو ئيٽر سوڌو گھڻن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز لاءِ هڪ سنگين مسئلو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ به آن لائين بدسلوڪي جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.