پنهنجي پريشاني بابت لکڻ سان ذهني دٻاءُ  گھٽجي ٿو…!

مشيگن (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏاهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان پريشان آهيو ۽  پنهنجي پريشاني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته بهتر آهي ته ان بابت ٻين سان ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ بدران، ڪاغذ ۽ قلم کڻي ان پريشاني جو پورو احوال لکي وٺو، ائين ڪرڻ سان اوهان ۾ نه رڳو پريشاني سان مقابلو ڪرڻ جي همٿ پيدا ٿي ويندي، پر اهو به ممڪن آهي ته ان جو ڪو حل نڪري اچي.

نفسيات ماهرن وٽ اڃا تائين ان مشوري جي حق ۾ ڪو واضح ۽ ٺوس ثبوت موجود نه هو پر ريسرچ جرنل ”سائيڪو سائيڪلوجي“ جي تازي شماري ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته پنهنجي پريشاني جو احوال لکڻ سان واقعي دماغ ۽ عضون کي سڪون ملندو آهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن سڪون ڏيندڙ دوائون کائڻ تي محسوس ٿيندو آهي.

اها تحقيق مشي گن اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ نيورولوجي شعبي ۾ اڳوڻي پي ايڇ ڊي فيلوهانز شروڊر جي سربراهي ۾ ڪئي وئي آهي.

ان مطالعي ۾ شريڪ رضاڪارن کي ٻن ڌڙن ۾ ورهايو ويو هڪ ڌڙي کي چيو ويو ته هو پنهنجي پريشانين جا سمورا تفصيل، ڀرپور انداز سان لکن جڏهن ته ٻئي ڌڙي ۾ شامل رضاڪارن کي پنهنجي پريشانين بابت ڳالهائڻ جو چيو ويو.

مطالعي جي پڄاڻي تي خبر پئي ته جن رضاڪارن جنهن خوبي سان پنهنجي پريشاني کي لکت طور بيان ڪيو هو، ان هن جي اعصابي دٻاءَ ۾ به ايتري قدر گھٽتائي ٿي هئي.

ان جي ابتڙ اُهي رضاڪار جيڪي پنهنجين پريشانين بابت رڳو زباني ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا، انهن جو ذهني دٻاءُ جيئن اڳ هيو ائين برقرار رهيو، ڀلي هنن پنهنجا مسئلا ۽ پريشانين کي ڪيتري به خوبي سان ڇو نه بيان ڪيو هجي.

ان تحقيق جو نتيجو گھڻو سادو ۽ سولو آهي: جيڪڏهن اوهان ڪنهن سخت پريشاني سبب دٻاءَ، ڊپريشن يا اينگزائٽي وغيره جهڙي ڪيفيتن جو شڪار آهيون ته دوائون کائڻ کان بهتر آهي ته ڪاغذ قلم کڻي ويهي رهو ۽ پنهنجي پريشاني کي مڪمل لکو. ان سان اوهان جي ذهن کي گھڻو فائدو ٿيندو جڏهن ته ان جو ڪو به ”سائيڊ افيڪٽ“ اوهان کي نقصان نه رسائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.