لاوارث حالت ۾ ملندڙ معصوم ٻارڙن جا لاش

عتيق ملاح

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن مان مختلف وقتن تي لاوارث حالت ۾ تازن ڄاول ٻارڙن سميت 5 سالن کان ننڍي ڄمار جي ٻارڙن جا لاش ملندا رهيا آهن، اهي لاش ڪڏهن ڪچري جي ڪنهن ڍير تان يا وري ڪڏهن ڪنهن واهه جي ڪپ ۽ درياهه جي ڪناري تان ملندا رهيا آهن، انهن لاشن جو ڪو ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، اڪثر لاشن کي ايڌي رضاڪار لاوارث ڄاڻائي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ته پوليس پنهنجو روايتي انداز اختيار ڪندي معصوم ٻارڙن جي ملندڙ لاشن جي سببن ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي پڌرو ڪرڻ ۾ سنجيده نظر ناهي ايندي.

سال 2019ع ۾ايڌي رضاڪارن موجب حيدرآباد جي مختلف علائقن، سنڌو درياهه ۽ ڦليلي واهه ۽ ٻين هنڌن تان عورتن، ٻارڙن ۽ مردن جا گذريل 6 مهينن دوران 92 لا وارث لاش مليا آهن، نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي انهن لاشن مان 8 نون ڄاول ٻارڙن جا لاش شامل آهن، 6 عورتن جا لاش ۽ 78 مردن جا لاش مليا، جن مان ڪجهه ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي، باقي ڪيترن ئي ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو. ايڌي رضاڪارن موجب مليل ٻارڙن جي لاشن کي هنن وارث نه هجڻ ڪري ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ دفنايو آهي، ايڌي جي گذريل 6 مهينن جي رپورٽ ۾ ملندڙ لاشن جو تعداد گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو، پر هن قسم جي واقعن جي جاچ ڪير ڪندو اهو سوال موجود آهي.

معصوم ٻارڙن جا لاش ملڻ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ واقعا آهن، پر ان جو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ توڙي ٻارڙن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، حڪومتي ادارن سميت ڪنهن اهو به سوال نه ڪيو آهي ته معصوم تازن ڄاول معصوم ٻارڙن کي بيدردري سان قتل ڪري لاش ڪچري جي ڍير تي اڇلائڻ وارن کي پڌرو ڪري انهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي. ايڌي ته چئي چڪو آهي ته معصوم ٻارڙن کي ماريو نه پر انهن کي ايڌي جي جهولي ۾ زنده وجهي وڃو.

ٻڌايو وڃي ته آخر هنن معصوم جو ڏوهه ڪهڙو هو، جنهن جي کين ايڏي وڏي سزا ڏني وڃي ٿي، هن کي آخر ڪنهن ماءُ جنم ڏنو هوندو ۽ هي به آخر ڪنهن ماءُ جي جگر جو ٽڪرو هوندو، پر اڄ ڏينهن تائين نوٽيس وٺڻ ته پري جي ڳالهه آهي، لاوارث ٻارڙن جا لاش هن سماج لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏين ٿا.

صرف ڪجهه مهينن جو رڪارڊ هٿ ڪري ڏسجي ته هيڏي وڏي تعداد ۾ لاوارث حالت ۾ هٿ ايندڙ لاشن ۽ انهن ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهندو آهي، سواءِ حادثن جي، جاچ ڪرڻ ته پوليس جو ڪم آهي، ايڌي رضاڪار ته صرف لاش کڻي اسپتال پهچائڻ ۽ ان کانپوءِ قبرستان ۾ دفنائڻ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. اسان اهو به ڏٺو آهي ته لاوارث حالت ۾ لاش ته ملن ٿا، پر ان جي موت جو سبب معلوم نه ٿي سگهندو آهي، نه ئي ان سلسلي ۾ ڪا جاچ ٿئي ٿي، ان ئي طريقيڪار سان واقعا پراڻا ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهو ان واقعي کي وساري ويهن ٿا.

ٻارڙن جي لاشن ملڻ وارن واقعن کانپوءِ پوليس جو موقف ته روايتي ئي هوندو آهي، پر اهو ته ساڃاهه وند ڌرين پاران مطالبو ٿيڻ گهرجي ها ته هر سال 10 کان 15 تازن ڄاول ٻارڙن جا لاش هٿ اچن ٿا، انهن مان ڪنهن به هڪ ٻارڙي جي لاش کي اڇلائيندڙ ڇو نه پڌرو ٿيو آهي، حقيقتون سامهون آنديون وڃن، سڀ کان پهرين ته ان جي مائٽن کي ڳوليو وڃي ها، جيڪڏهن ٻارڙا اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي ته ان جا جوابدار گرفتار ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ٻارڙا اغوا به ٿيا هوندا ته ڪنهن نه ڪنهن ٿاڻي ان جي اغوا يا گمشدگي بابت ضرور ڪو نه ڪو رڪارڊ ته موجود هوندو يا وري  ٻارڙي کي مائٽن جي تڪرار ۾ ماريو ويو آهي ته تڏهن به ان جي مائٽن جو پتو لڳائي انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

اسان وٽ ٻارڙن کي غوا ڪرڻ وارو رجحان به تمام گهڻو آهي، ٻارڙن کي اغوا بعد قتل ڪرڻ يا جنسي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ بعد قتل ڪرڻ وارا واقعا به تمام گهڻا ٿيندا رهن ٿا، ڪيترائي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٻارڙن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش اڇلايا ويا آهن، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عدم دلچسپي جي ڪري اهڙن واقعن جاچ سٺي نموني سان نه ٿيڻ ڪري جوابدارن پڪڙ ۾ نٿا اچن ۽ واقعا دٻجي وڃن ٿا، جيڪڏهن اهڙن واقعن جي جاچ ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي ويندي ته پوءِ ٻارڙن جي لاشن ملڻ وارو سلسلو سالن کان جيئن هلي رهيو آهي تيئن جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.