پالڪ گوشت

گھربل شيون

ٻاڪرو گوشت، بون ليس؛ ڏيڍ ڪلو

پالڪ ڪاٽيل؛ ڏيڍ ڪلو

تيل: 5 کان 6 کائڻ جا چمچا

بصر ڪاٽيل: ٻه عدد

دار چيني: 1 اسٽڪ

ثابت گول مرچ: چانهه جو ڏيڍ چمچو

ادرڪ جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو

ٿوم جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو

ٽماٽن جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو

ڌاڻا پيٺل: چانهه جو هڪ چمچو

زيرو: چانهه جو هڪ چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

ڏهي: هڪ ڪوپ

ساوا مرچ ڪاٽيل: 2 عدد

چڪن پائوڊر: چانهه جو هڪ چمچو

تازا ڌاڻا ڪاٽيل: گارنش لاءِ

نان: پيش ڪرڻ لاءِ

ترڪيب:

  1. هڪ ننڍي ٿانو ۾ تيل گرم ڪيو ۽ ان ۾ بصر وجهي فراءِ ڪيو.
  2. هاڻ ان ۾ دار چيني، ثابت ڳاڙها مرچ ۽ ثابت ڪارا مرچ وجهي گڏايو.
  3. ان کان پوءِ ان ۾ بون ليس گوشت وجهي پچايو جيستائين اهو گلابي نه ٿي وڃي.
  4. هاڻ ان ۾ ادرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ وجهي مڪس ڪيو.
  5. ان کان پوءِ ان ۾ ڪاٽيل ٽماٽا وجهي گڏايو.
  6. ٿوري دير کان پوءِ ٽماٽن جو پيسٽ وجيه سٺي طريقي گڏائي 10 منٽن تائين ڍڪ ڏئي ڇڏيو جيستائين گوشت ڳري وڃي.
  7. ان کان پوءِ ان ۾ ڌاڻا پائوڊر، زيرو پائوڊر، ڳاڙها مرچ پائوڊر ۽ ڏهي وجهي سٺي طرح ملايو ۽ 5 منٽن لاءِ ڍڪ سان ڍڪي ڇڏيو.
  8. هاڻ ان ۾ ڪاٽيل پالڪ وجهي گڏايو.
  9. پالڪ وجهڻ کان بعد ان ۾ ساورا مرچ ۽ گرم مصالحو وجهي سٺي نموني گڏايو.
  10. ان کان پوءِ چڪن پائوڊر وجهي گڏائي وڌيڪ 5 منٽن لاءِ ڍڪي ڇڏيو .

تيار ٿيڻ کان پوءِ ان تي ساوا ڌاڻا ڇٽي پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.