غير فطري شهرڪاري ۽ سنڌ جا شهر

مقبول ملاح

پاڪستان جي آدمشماري مطابق سنڌ پاڪستان جي ان صوبي مان آهي،  جتي 52 سيڪڙو صوبي جي آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ آهي، شهري علائقن ڏانهن ماڻهن انڪري به رخ ڪيو جو هڪ طرف سنڌ جي ٻهراڙين مان هٿ وٺي تعليم کي تباهه ڪيو ويو، ته ٻئي طرف مسلسل پاڻي جي کوٽ ڪري سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو، ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جو واحد ذريعو زراعت ۽ چوپايو مال ئي آهي، جڏهن پاڻي کوٽ  ۽ زرعي جنسن جي اگهن جو مناسب نه ملڻ کانپوءِ ماڻهن پيٽ گذر لاءِ شهرن جو رخ ڪيو، هوڏانهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ هزارين پرائمري اسڪول صرف رڪارڊ ۾ کليل هجڻ ۽ جيڪي اسڪول کليل هئا انهن ۾ بهتر تعليم نه هجڻ ڪري به سنڌ جا ڳوٺ ويران ٿيا.

 سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان پنجاب طرفان سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ، پاڻي جي صحيح طرح سنڀال نه ڪرڻ، منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ شامل آهن، جڏهن ته جيڪو پاڻي سنڌ ۾ اچي ٿو ان جي ورهاست به صحيح نموني نه ٿي ٿئي، جيڪو ڏاڍو جو گابو واري چوڻي مطابق پاڻي جي ورڇ ٿئي ٿي. سنڌ ۾ جتي زراعت جي پاڻي جي کوٽ آهي، ڳوٺن مان زورگار جا ذريعا ۽ سهولتون گهٽجڻ ڪري ماڻهن شهرن جا رخ ڪيا،   شهرن جي آبادي ۾ ڏينهن ڏينهن اضافو ٿيندو ويو ۽ پاڪستان شهري آبادي ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن ڪرٽيڪل اسٽڊي فورم طرفان حيدآباد ۾ “سنڌ ۾ شهرڪاري، ان جا اثر ۽ لائحه عمل” جي عنوان هيٺ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنسن ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، سماج سڌارڪڪ ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي.

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سرمائيداري جي شروعات ٿي جيڪا 90 جي ڏهاڪي ۾ وڌي ۽ سرمائيداري مرحلا طئه ڪندي ريئل اسٽيٽ ۾ تبديل ٿي وئي. هن چيو ته هيٺين سطح تائين اختيار هجڻ ضروري آهن، پر اسان وٽ اختيارن جي آڙ ۾ وفاق ۽ شهرن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي وڃي ٿي پر سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌين کي شهرن کي اپنائڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ هاڻ سنڌي ماڻهن اچڻ شروع ڪيو آهي پر رياستي نظام جي ڪري سنڌي ماڻهن کان ٻيڻ تي ٻاهريو ماڻهو اچي رهيو آهي، ٻاهرين ماڻهن کي شهرن ۾ اچڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. غير فطري شهرڪاري ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته 60ع وارو دور دنيا ۾ انقلابن جو دور هو، سنڌ جي مڊل ڪلاس نه هجڻ ڪري قومي تحريڪون تعليمي ادارن ۾ شروع ٿيون ۽ پوءِ بعد ۾ نڪري شهرن تائين پهتيون ۽ رياست ڪوشش ڪئي ته سنڌي ماڻهو شهرن ڏانهن نه اچن. هن چيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي ڳالهه بدران سياسي ۽ معاشي پروگرام ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ شهر توڙي ٻهراڙي جي ڳالهه ٿئي، جتي سندن ٻولي، ثقافت ۽ حقن جي حفاظت هجي.

نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن وڏي کان وڏو شهر ڪراچي جڙي تيار ٿيو ته ورهاڱي کانپوءِ اصولي آبادي جي اتان لڏپلاڻ ٿي ۽ ٻاهرين اچڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن سمجهيو ته ڪراچي اسان کان کسجي ويو، سنڌ ورهائجي ويندي. 90ع کانپوءِ مختلف قدرتي آفتن کانپوءِ سنڌي ماڻهن ڪراچي سميت وڏن شهرن ڏانهن اچڻ شروع ڪيو ۽ شهرن کي اپنائڻ شروع ڪيو، جڏهن ته رياست سرمائيدار ڪمپنين سان گڏجي ڪمائي شروع ڪئي ۽ بغير ڪنهن ٽائون پلاننگ جي آبادڪاري ۾ اضافو ٿيندو ويو، شهرن جي وڌڻ جي ڪري ماحولياتي ۽ ثقافتي نقصان ٿيو. ماڻهن جون زرعي زمينون ڪارپوريٽ سيڪٽر حوالي ڪيون وڃن ٿيون. جامي چانڊيو چيو ته سنڌ اندر ٻين ملڪن ۽ صوبن مان ايندڙ ماڻهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ بنيادي حقن جي آرٽيڪلن ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ٻين صوبن يا ٻين ملڪ کان ايندڙ جيستائين ماڻهو  20 سالن تائين ٽيڪس نٿو ڏئي ته ان کي سنڌ جو ڪارڊ يا ڊوميسائيل ٺاهي نه ڏيڻ گهرجي.

نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته پاڪستان جو وجود جنهن وقت آيو ته ڪراچي جي آبادي 4 لک هئي ۽ زوري اتي 6 لک ماڻهن کي آباد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪراچي شهر جو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو ۽ هڪ سازش تحت ڪراچي کي ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻائي ٻين صوبن جي ماڻهن کي آباد ڪيو ويو ۽ نتيجي طور ڪراچي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر طاقتور ٿي اڀريو آهي جنهن خلاف ڪا به سياسي ڌر ڪو آواز نٿي اٿاري سگهي.

گل حسن ڪلمتي چيو ته 1947ع ۾ ملير کان گلشن اقبال تائين زرعي زمينون موجود هيون، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻاهرين ماڻهن جي آبادڪاري ڪري زرعي زمين ختم ڪئي وئي  ۽ هڪ سازش تحت پاڪستان پيپلز پارٽي اسيمبلي مان ايڪٽ پاس ڪرايو ۽ ملڪ رياض کي زمين ڏيڻ جي لاءِ ملير ضلعي کي وڌايو ويو. ڪراچي جي 35 سئو ڳوٺن کي غير قانون قرار ڏئي اها زمين ملڪ رياض کي بحريا ٽائون جي لاءِ ڏني وئي.

برطانيا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري چيو ته بغير پلاننگ جي شهرڪاري ٿيڻ ڪري سهولتون نه ملڻ سان ماڻهن ۾ بيمارين جنم ورتو آهي، سنڌ ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز سامهون آئي آهي. هن چيو ته 85 سيڪڙو ماڻهو گندي پاڻي ۽ سجاڳي نه هجڻ ڪري بيمارين ۾ مبتلا ٿيا آهن.

ماحولياتي صحافت ڪندڙ عافيه سلام چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد زرعي شهر هئا، پر شهرڪاري جي ڪري هاڻ اتان جا شهري گندي پاڻي مان ٿيندڙ ڀاڄيون واپرائي رهيا آهن، شهر زرعي علائقن تي قبضو ڪندو پيو وڃي. هن چيو ته غير فطري انداز ۾ شهري آبادي وڌڻ ڪري شهر ڪچين آبادين ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن جي ساهه کڻڻ لاءِ به جڳهه نه ڇڏي وئي آهي.

مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان جي ماحوليات تي خراب اثر پيا آهن، ماحوليات ۾ جيڪا تبديلي صدين ۾ ايندي هئي اها هاڻ سالن ۾ اچي ٿي. هن چيو ته 70 سيڪڙو ڪچي جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ساحلي پٽي تان تمر جا ٻيلا به ختم ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته 19 سالن ۾ پاڪستان جي شهري آبادي ۾ واڌارو ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي شهري آبادي جو واڌرو ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ مٽياري شگر مل ۽ منڇر جو زهريلو پاڻي حيدرآباد ۽ ان کان هيٺ وارن ضلعن جا ماڻهو واپرائي رهيا آهن.

مسرور شاهه چيو ته شهري آبادي جي وڌڻ ڪري هاڻ پاڪستان زرعي ملڪ ناهي رهيو، زرعي زمينون قبضي ڪري اتي شهر اڏيا ويا آهن، جنهن ڪري زرعي معيشيت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته غير فطري انداز سان شهرڪاري جي ڪري شهرين کي ڪي به سهولتون نٿيون ملن. هن چيو ته سياسي پارٽين کي شهرين جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.