مصالحيدار چاٽ جي خاندان سان واسطو رکندڙ چٽ پٽي مصالحا پوري ڏکڻ هند جي گھٽين گھٽين ۾ وڪرو ٿيندڙ مقبول ڊش آهي جنهن کي گھر ۾ سولائيءَ سان تيار ڪري سگھجي ٿو. پنهنجي انوکي ۽ چٽ پٽي ذائقي سبب اها ڊش سموري ننڍي کنڊ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪي آهي.
گھربل شيون
تيل : کائڻ جا 2 کان 3 چمچا
چڻا : ڪوپ
ڪارا چڻا: هڪ ڪوپ
پاڻي : ضرورت موجب
هيڊ پيٺل: چانهه جو اڌ چمچو
ٿوم جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
ادرڪ جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
گرم مصالحو: کائڻ جو هڪ چمچو
لوڻ : ذائقي موجب
سونف: چانهه جو هڪ چمچو
کٽائي پائوڊر: چانهه جو هڪ چمچو
ساوا مرچ: ڪاٽيل: هڪ عدد
گدامڙي جي چٽڻي: کائڻ جو هڪ چمچو
پٽاٽا: ڪاٽيل: هڪ کان ٻه عدد
ٽماٽا ڪاٽيل: هڪ کان ٻه عدد
ترڪيب:
- هڪ ڪڙاهي ۾ تيل وجهي گرم ڪيو پوءِ ان ۾ بصر وجهي برائون ٿيڻ تائين بصرن کي ڀُڃون.
- هاڻ ان ۾ چڻا ۽ مٽر وجهو ۽ سٺي طريقي گڏايو.
- گڏائڻ کان پوءِ ان ۾ پاڻي، پيٺل ڳاڙها مرچ، ادرڪ، ٿوم جو پيسٽ ۽ گرم مصالحو شامل ڪري سٺي طرح مڪس ڪيو ته جيئن سموريون شيون گڏجي وڃن.
- هاڻ ان ۾ لوڻ، سونف، کٽائي پائوڊر، ساوا مرچ، گدامڙي جي چٽڻي، ڪاٽيل پٽاٽا ۽ ٽماٽا وجهي سٺي طرح مڪس ڪيو.
- ان کان پوءِ چاٽ مصالحو وجهي سٺي طريقي سان گڏائڻ کان پوءِ 5 منٽن لاءِ دم تي رکي ڇڏيو.
اوهان جي مزيدار مصالحا پوري تيار آهي.