پِيلا ڏند اڇا ڪرڻ ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا…!

صحتمند ڏند، صحتمند جسم ۽ صحت مند زندگي لاءِ ضروري آهن ۽ اهي ئي ڏند شخصيت جي نمائندگي به ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن اِهي پِيلا ٿي وڃن ته انسان پنهنجي خود اعتمادي ۾ گھٽتائي محسوس ڪندو آهي ۽  ٻين تي ان جي شخصيت جو به خراب اثر پوندو آهي.

ڏندن جو پِيلو ٿيڻ وڏو نقصان اهو هوندو آهي ته انسان بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي ڇو ته جراثيم وات ۾ پنهنجي واڌ ويجهه پيدا ڪندا آهن ۽ پوءِ وات جي رستي پيٽ ۾ وڃي صحت خراب ڪندا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڏينهن ۾ منهن ڪيترا ڀيرا ڌوئجي…ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

ماهرن جو چوڻ آهي ته ماڻهو ڏندن جي صحت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن ڇو جو انهن جو خيال هوندو آهي ته ڏندن جو علاج مهانگو آهي، پر ڏندن جو خيال رکي اوهان ڏندن جي صحت ۽ انهن جي عمر وڌائي سگھو ٿا.

ڏندن جا ماهر تجويز ڪندا آهن ته ڏينهن ۾ 2 ڀيرا برش ڪرڻ ( خاص ڪري صبح جو اٿڻ کان بعد ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ)، مائوٿ واش استعمال ڪرڻ ۽ فلاش ڪرڻ سان ڏند ۽ مهارون صاف ۽ صحتمند رهنديون آهن.

ماهرن موجب ڏندن جي صحت لاءِ ڏندڻ به گھڻو فائديمند آهي

آچو ته اسان اوهان کي ڏندن کي موتي جهڙو اڇو رکڻ جا ڪجهه سولا ۽ گھريلو ٽوٽڪا ٻڌائي رهيا آهيون جن کي استعمال ڪري اوهان به پرڪشش کِل حاصل ڪري سگھو ٿا ۽ صاف سٿري ڏندن سان سٺي صحت قائم رکي سگهو ٿا.

تيل جون گُرڙيون ڪيو

طب ۽ يونان ۾ ڏندن جي صفائي ۽ ڏندن تان پيلاڻ ختم ڪرڻ لاءِ تيل جي گرڙي ڪرڻ جو طريقو صدين کان استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان سان وات جا جراثيم به ختم ٿي ويندا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:وار گھاٽا ۽ خوبصورت بڻائڻ جا نسخا…!

ماهرن جو چوڻ آهي ته وات جا جراثيم ئي ڏندن کي پيلو ڪرڻ ۽ وات ۾ بوءِ جو سبب هوندا آهن تنهنڪري ڪنهن به کائڻ جي تيل جو هڪ چمچو وات ۾ وجهي سٺي طرح گرڙي ڪيو ۽ ڏندن تي مليو ۽ 10 کان 15 منٽ ان کي وات ۽ مهارن تي لڳائي رکڻ بعد گرڙي ڪري ٽوٿ پيسٽ سان برش ڪيو ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان جا ڏند موتي جهڙا اڇا ٿي ويندا ۽ وات جي بوءِ به ختم ٿي ويندي.

بيڪنگ سوڊا يا مٺي سوڊا سان برش ڪرڻ

بيڪنگ سوڊا جراثيم ڪش هوندو آهي ۽ بيڪنگ سوڊا واري ٽوٿ پيسٽ يا رڳو بيڪنگ سوڊا سان برش ڪرڻ ڏندن جي چمڪ ۽ اڇاڻ واپس آڻيندو آهي تنهنڪري ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 ڀيرا بيڪنگ سوڊا سان برش ضرور ڪيو.

هائيڊروجن پرآڪسائيڊ

هائيڊروجن پرآڪسائيڊ ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تان سولائي سان ملي ويندي آهي ياد رهي ان جو استعمال صدين کان بليچنگ لاءِ ٿي رهيو آهي پر ان کي مائوٿ واش طور تي به استعمال ڪري سگھجي ٿو ڇو جو اهي بيڪٽيريا جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن.

اوهان ان کي بيڪنگ سوڊا ۾ شامل ڪري پنهنجي ٽوٿ بڻائي سگھو ٿا جنهن سان ڏندن جا داغ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي گم ٿي ويندا ۽ ڏند موتي جيان چمڪڻ لڳندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.