پنجون اياز ميلو

حسيب لطيفي

حيدرآباد ۾ پنجون اياز ميلو ادبي رنگن، شيخ اياز جي شاعري، فن ۽ فڪر تي بحث مباحثن، تنقيدن، راڳ ويراڳ سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، پنجن ڏينهن تائين هلندڙ اياز ميلي ۾ اياز جي فڪر، شاعري، عالمي ادب، سياست ۽ ٻين موضوعن تي فڪري ويهڪون ٿيون، ميلي ۾ اياز جا  اوپيرا، اياز ۽ ڪراچي، ميري ديداورو، ميري دانشورو، هي سين نه ڏيندي چين، هاءِ اياز بانسري تنهنجي، شاعراڻي جماليات، ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، اياز جي آتم ڪٿا، اياز ۽ خسرو جو سنگم، ڪيترو اياز اڄ ته لوڙيو اٿئي، ڪا جوت جلائي وينداسين، اياز جا خط ۽ ٻين موضوعن تي ويهڪون ٿيون،

جن ۾ شاعرن، اديبن، دانشورن، سياسي سماجي ڪارڪن، انساني حقن جي اڳواڻن پاران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته پنجن ڏينهن تائين مسلسل محفل اياز به منعقد ٿيندي رهي، جنهن ۾ هر روز راڳي توڙي آرٽسٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا، جن ۾ تيمور رحمان، سيف سميجو، شمون ٻائي، محمد حسن سمون سرندو نواز، ڪريم فقير، رجب فقير، ريشما پروين، ضامن علي، ذوالفقار لنڊ، رضوان، دين محمد دمساز، شفيع فقير، اختر درگاهي، مارل، زينب مائي، رفيق فقير، نزاڪت صادق، کماچچ نواز، استاد فتح علي خان، اريب اظهر، اقرار وحيد، ذوالفقار حسين، مظهر حسين، ديبا سحر، مريم ڍولڪ نواز، بيدل مسرور ۽ ٻيا شامل هئا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:مشرف ڪيس، جڏھن اسان جو خون خوشبو ٿيندو!

اياز ميلي ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي سنڌ جو سماجي آئين، شيخ اياز کي پنهنجي دور جو باغي، وطن دوست، سنڌ کي استحصالي ۽ غلاميءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ جڪڙيندڙ مدي خارج رسمن مان نجات ڏيارڻ لاءِ اتساهه ڏيندڙ شاعر ۽ سندس گيتن کي امر گيت قرار ڏنو، اياز ميلي ۾ چيو ويو ته شيخ اياز کي سنڌ جي گذريل 50 سالن جي سياست مان ڪڍي ڇڏجي ته اتساهه جو هڪ سبب گم ٿي ويندو، اياز ٿڪيل ۽ ٽٽل ماڻهن کي وري اٿاري وڙهڻ لاءِ تيار ڪري ٿو، شيخ اياز کي هڪ مفڪر، عالم ۽ اديب جي حيثيت ۾ ڏسڻ گهرجي. اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته شيخ اياز ۾ آئون گهڻي هوندي هئي، پر ڇا وڏن ماڻهن ۾ اها ڳالهه نه هجڻ گهرجي، جيستائين ڪو هنن جي تعريف نه ڪري تيستائين هو به چپ ڪري ويهي رهي، پر اياز رڳو پنهنجي ڳالهه نٿو ڪري هو ته هزارين ڪردارن جي به ڳالهه اعلان هزارين مان نه رڳو جهڙي شاعري ۾ ڪري ٿو. سنڌ جي ايندڙ هزارين سالن جي تاريخ ۾ لطيف کانپوءِ اياز جو نالو رهندو. شيخ اياز اسٽيٽسڪو جي خلاف هو. شيخ اياز پنهنجي فن ۽ فڪر جي ذريعي اڄ به زنده آهي، شيخ اياز اتساهي ٿو، اياز زندگي ۾ روز روز مرڻ کان بهتر آهي ته هڪ ڏينهن جي موت ۾ مري امر ٿي وڃڻ جو درس ڏئي ٿو، اياز بغاوتون سيکاريندڙ وڏو باغي آهي، ميلي ۾ مقررن چيو ته اياز جو مچايل سچ آهي، جنهن تي سڄي سنڌ هتي اچي ٿي، پنهنجي نظرياتي ڍانچي ۾ اياز کي فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي وڃي، اياز پنهنجي حصي جو پورهيو شانداز انداز ۾ ڪيو آهي، اياز کي اڄ به سن جي ڌرتي سميت سڄي سنڌ جي تقريبن ۾ نوجوان خراج تحسين پيش ڪن ٿا. شيخ اياز جي شاعري کي ڳائڻ لاءِ نوجوانن جو گرم رت گهرجي، شيخ اياز تمام وڏي شخصيت هو، اياز چيو هو ته مون کي ايتري زندگي ملي جو ايترا ڪتاب لکان ته جيئن ڪتابن جا مينار ٺهي وڃن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مقررن چيو ته اياز جي شاعري تي بين الااقوامي ادب جا اثر رهيا آهن، پر اياز جي لکڻين تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو وڏو اثر ٿيو، هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي سنڌو تهذيب جو ورهاڱو قرار ڏنو. اياز ميلي جي آخري ڏهاڙي تي نورالهديٰ شاهه ڳالهائيندي چيو ته لکندڙ لاءِ لکڻ وڏو بار هوندو آهي، دنيا جي سوچ سان اختلاف ۽ دٻاءُ جي هوندي لکندڙ لکي ٿو ۽ اها لکڻي لکڻ کانپوءِ هو وري هو ٻي لکڻي ۾ ڦاسي وڃي ٿو، ائين ناهي ته لکندڙ پنهنجي شوق ۽ ٽائيم پاس لاءِ لکي ٿو، لکندڙ جو پنهنجي پاڻ سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پنهنجي پاران ڪالهه جي لکيل ڳالهه سان اڄ اختلاف ٿي سگهي ٿو. ليکڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ورڪر ناهي هوندو، پڙهندڙ ليکڪ جي اصل کي سڃاڻي وٺي ته پڙهندڙ جي لاءِ هن جو اصل جوهر وڌيڪ حسين آهي، ليکڪ سماج جي هجوم ۾ بي چين روح آهي، ليکڪ لکڻ چاهي ٿو، ڀتين سان مٿا هڻي ٿو، مس ختم ٿي وڃي ٿي، پنا کٽي پون ٿا، پر لکي نٿو سگهي ته اها هن جي اندر جي بي چيني آهي. اسان اياز جا پيرا کڻندڙ نسل مان آهيون.

هي به پڙهي سگھو ٿا:سال 2019ع جي پڄاڻي پاڪستاني ٽيم جي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو!

اياز ميلي ۾ اياز جي ڏکين ڏينهن جو به ذڪر ٿيو ۽ چيو ويو ته اياز گرفتارين ۽ سختين باوجود همت نه هاري، هن کي جيلن ۾ وڌو ويو، اياز جا ڪتاب به ضبط ڪيا ويا. اياز جا جذبا جوان هئا، اياز خلاف سازشون به ٿيون، اياز اردو ادب جو شاعر هجي ها ته ايتري تڪليف نه ڏسي ها. اياز کي وائيس چانسلر جو عهدو قبول نه ڪرڻ گهرجي ها، اياز کي قيد جي بندشن نه پر دوستن ٽوڙيو.

اياز جي خطن جو ذڪر ڪندي چيو ويو ته اياز جي خطن ۾ جماليات ۽ شاعراڻي معصوميت جون جهلڪيون شامل آهن، اياز جي خطن جا سماج تي اثر آهن، شيخ اياز جهڙين شخصيتن جي قلم جي طاقت قومن جي تقدير بدلائي ڇڏيندي آهي. اياز پنهنجن خطن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن جيڪي ماڻهو ناهن لکندا، اياز پنهنجن خطن ۾ ڪٿي به حقيقت کان پري نٿو ٿئي، اياز پنهنجي زندگي ۾ اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي دور جو ليجنڊ آهي. اياز  جي خطن جو مجموعو انتهائي منفرد آهي، اياز جي خطن ۾ ادبي ٻولي آهي، هن سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي ٻڌل خط لکيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.