نيب لاهور رنگ روڊ ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين قومي احتساب بيورو جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال لاهور رنگ روڊ ۾ 62 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

نيب ترجمان طرفان جاري بيان موجب جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) نيب لاهور کي رنگ روڊ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته بس ريپڊ ٽرانسپورٽ (بي آر ٽي) پشاور ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي ۽ عدالت عظميٰ جي حڪمن جي روشني ۾ ان ڪيس جي پهرين کان جاري انڪوائري مڪمل ڪنداسين.

ٻئي پاسي پنهنجي هڪ بيان ۾ نيب چيئرمين چيو ته بيورو ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ منهن نه پر ڪيس ڏسي ۽ احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:هڪ پارٽي چيئرمين جي ڌمڪين سان قانوني عمل روڪي نه ٿو سگهجي: نيب

هن چيو ته نيب هڪ منزل کي مقررڪيو آهي جنهن جو مقصد بدعنوان عنصرن، اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن کي قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي ڦريل رقم جي واپسي آهي.

جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب گذريل 27 مهينن ۾ بدعنواني عنصرن کان رقم جا 153 ارب رپيا هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا، جڏهن ته 630 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان سواءِ بدعنواني جا لڳ ڀڳ 600 ريفرنس احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرايا آهن.

سندس چوڻ هو ته نيب جي هن وقت 25 احتساب عدالتن ۾ بدعنواني جا 1 هزار 261 ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 943 ارب رپيا آهي، جڏهن ته گڏيل طور تي احتساب عدالت مان سزا ڏيارڻ جي شرح 70 سيڪڙو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.