وار گھاٽا ۽ خوبصورت بڻائڻ جا نسخا…!

وار سينگارڻ جو انداز جيئن به هجي ڊگھا، گھاٽا ۽ چمڪدار وار ته هر هڪ کي پسند هوندا آهن، خاص ڪري عورتن لاءِ ڊگھا ۽ گھاٽا وار خوبصورتي جي علامت سمجها ويندا آهن.

پر روز مرهه جي مصروفيت، دٻاءَ ۽ گدلي ماحول مردن سان گڏ عورت سان جي وارن کي ڪمزور ۽ بي جان ڪري ڇڏيو آهي.

سنهڙا ۽ خراب وار صحت بابت به گھڻو ڪجهه ٻڌائيندا آهن ۽ اها ڪجهه بيمارين جي علامت به ٿي سگھي ٿي يا خوراڪ جو سٺو استعمال نه هجي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سياري ۾ ناريل جو تيل استعمال ڪرڻ جا فائدا…!

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اوهان سولائي سان وارن کي گھاٽو ڪري سگھو ٿا ۽ انهن جي صحتمند واڌ ويجهه کي به تيز ڪري سگھو ٿا.

بيضا ۽ ڏهي

بيضا پروٽين، بائيوٽن ۽ وٽآمن بي 12 سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي سنهڙن ۽ آئلي وارن جي مضبوطي لاءِ ضروري آهن، ان کي وارن جي استعمال ڪرڻ اوهان لاءِ فائديمند آهي، بيضن جي ڪجهه مقدار کي ڏهي ۾ مڪس ڪيو، ان مڪسچر کي وارن تي لڳايو ۽ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.

تيل سال مالش ڪيو

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مٿي تي مالش ڪرڻ وارن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندو آهي، مالش سان رت جي گردش وڌندي آهي، شيمپو لڳائڻ کان اڳ مٿي تي تيل سان هلڪي مالش ڪيو، ان مقصد لاءِ ناريل جي تيل جو استعمال ڪري سگھجي ٿو جيڪو نازڪ ۽ متاثر وارن لاءِ گھڻو فائديمند آهي.

ڀاڄين ۽ ميون جو استعمال

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڏينهن ۾ منهن ڪيترا ڀيرا ڌوئجي…ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

جڏهن وارن ڇٽرا ٿي ويندا آهن ته اهي تيزي سان ٽٽڻ لڳندا آهن، جيڪڏهن مضبوط ۽ صحتمند وار چاهيو ٿا ته ساون پنن واريون ڀاڄيون ۽ ميون جو استعمال وڌايو، وارن جي صحتمند واڌ ويجهه لاءِ آئرن، بائيوٽن ۽ وٽامنز جي ضرورت هوندي آهي، گھڻيون ڀاڄيون جهڙوڪ پالڪ ۽ ٻج آئرن سان ڀرپور هوندا آهن جڏهن ته ميون جو استعمال وٽامنز حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.