ضمانت کان پوءِ راڻا ثناءُ الله آزاد، تفصيلي فيصلو جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ضمانت واري درخواست تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن جي آزادي جو آرڊر جاري ٿيڻ کان پوءِ جيل مان آزادي عمل ۾ آندي وئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جي ضمانت واري درخواست تي پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته پروسيڪيوشن جي ڪيس ۾ خاميون واضح آهن ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته درخواستگذار تي الزام جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت جڏهن ته هي ڪيس به وڌيڪ جاچ جو منتظر آهي.

ميڊيا کي مليل تفصيلي فيصلي موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس چوڌري مشتاق ريمارڪس ڏنا ته هي قبول ٿيل حقيقت آهي ته راوي ٽول پلازه تي راڻا ثناءُ الله کي روڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس ختم ناهي ٿيو ۽ هو هاڻ به جوابدار آهي: شهريار آفريدي

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته هن جي گاڏي راوي ٽول پلازه تي روڪي وئي ۽ راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري جي دوران واقعي واري جاءِ تي ميمو ناهي بڻايو ويو.

فيصلي کي لکندڙ جسٽس چوڌري مشتاق احمد ليو ته ريڪارڊ مان اِها ڳالهه واضح آهي ته پروسيڪيوشن جي ڪيس ۾ خاميون موجود آهن مثال طور واقعي واري جاءِ تي ريڪووري ميمو تيار نه ڪرڻ، فريادي جي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ سان سلهاڙيل هجڻ بابت جاچ نه ٿيڻ ۽ درخواستگذار کان مبينا هٿ ٿيل 15 ڪلو هيروئن مان رڳو 20 گرام موڪلڻ منظر پٺيان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته درخواستگذار تي لڳل الزام جي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي ۽ هي ڪيس وڌيڪ جاچ جو منتظر آهي.

ان سان گڏوگڏ جج اِها ڳالهه به چئي ته ان ڪيس ۾ ٻين جوابدارن کي ٽرائل ڪورٽ مان ضمانت ملي وئي هئي جنهن جي خلاف پروسيڪيوشن اپيل به ناهي ڪئي.

پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات جي خاتمي واري فورس جي اسپيشل پراسيڪيوٽر طرفان درخواست ڪيل اعتراض به رد ڪري ڇڏيا.

فيصلي ۾ ايف آءِ آر ۽ موجود ٻئي ريڪارڊ جي مواد جي بنياد تي مسلم ليگ پنجاب جي صدر جي گرفتاري جو احوال به لکيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.