ڏينهن ۾ منهن ڪيترا ڀيرا ڌوئجي…ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

چهري کي ڪيترا ڀيرا ڌوئڻ گھرجي؟ ٻڌڻ ۾ اها ڳالهه گھڻي عام لڳندي آهي ڇو ته اسان مان اها شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته اسان کي چهرو ڪيترا ڀيرا ڌوئڻ گھرجي.

اوهان جي دماغ ۾ به ان حوالي سان ڪيترائي سوال پيدا ٿي رهيا هوندا، اسان اڄ اوهان کي انهن ئي سوالن جا جواب ٻڌائي رهيا آهيون.

چهرو ڌوئڻ جي حوالي سان مختلف طبي ماهرن  پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون آهن.

آمريڪا جي ريوٽا اسڪن ڪلينڪ جي باني ڊاڪٽر ڪنيڪا ٽم جو چوڻ آهي ته هر شخص کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صبح ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ منهن ڌوئڻ گھرجي.

مائونٽ سينائي اسپتال ۾ ڪاسميٽڪ ۽ ڪلينيڪل ريسرچ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جوشوا زيشنر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڀيرو ئي منهن ڏوئندا آهيو ته رات جو سمجهڻ کان اڳ به ڌوئيندا ڪيو ڇو ته ائين ڪرڻ سان چهري تي ڄميل سموري ڏينهن جي گندگي صاف ٿي ويندي آهي.

هاڻ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته ڪئين ۽ ڪيترا ڀيرا چهرو ڏوئڻ گھرجي.

طبي ماهرن موجب خشڪ ۽ حساس جلد وارن ماڻهن کي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ئي منهن ڌوئڻ گھرجي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو منهن ڌوئڻ جو بهترين وقت رات آهي، خشڪ ۽ حساس جلد وارن کي رات ۾ منهن ڏوئڻ کان پوءِ جلد کي سٺي طرح موئسچراز ڪري سمجهڻ گھرجي.

سڻڀي ۽ ايڪني جلد

طبي ماهرن موجب جنهن جي جلد سڻڀي ۽ ايڪني واري هوندي آهي انهن کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا چهرو ڏوئڻ گھرجي. ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا منهن ڏوئڻ جو بهترين وقت صبح ۽ رات آهي يعني انهن کي هڪ ڀيرو صبه ۽ هڪ ڀيرو رات جو منهن ڌوئي سمهڻ گھرجي.

حساس جلد

ماهرن موجب جيڪڏهن اوهان جي جلد آهي جيڪا ڪڏهن خشڪ هوندي آهي ته ڪڏهن وري سڻڀي ته ان طرح جي جلد لاءِ اوهان کي به ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا يعني صبح ۽ رات جو منهن ڌوئڻ گھرجي.

جم ۽ ورزش ڪندڙ ماڻهو

هي به پڙهي سگهو ٿا:سياري ۾ ناريل جو تيل استعمال ڪرڻ جا فائدا…!

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي جم ويندا آهن يا گھر ۾ به ورزش ڪندا آهن ته ان صورت ۾ کين پگھر به گھڻو ايندو آهي،ا هڙن ماڻهن کي جڏهن ضرورت پوي تڏهن منهن ڌوئڻ گھرجي يا ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 ڀيرا ائين ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.