گھربل شيون:
تيل : چار کان پنج کائڻ جا چمچا
بصر ڪاٽيل: ٻه عدد
ٿوم جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
ادرڪ جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
ڪارا مرچ: چانهه جو اڌ چمچو
ٽماٽا ڪاٽيل: ٻه عدد
لوڻ: ذائقي موجب
پيٺل ڌاڻا: چانهه جو اڌ چمچو
زيرو پيٺل: چانهه جو هڪ چمچو
گرم مصالحو: کائڻ جو هڪ چمچو
ڏهي: اڌ ڪوپ
پاڻي ضرورت موجب
گوبي : اڌ ڪلو
ساوا مرچ: سجاوٽ لاءِ
ترڪيب:
1-هڪ وڏي ٿانو ۾ تيل وجهي هلڪي باهه تي گرم ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ بصر وجهي هلڪا برائون ٿيڻ تائين ڀڃي وٺو.
2- هاڻ ان ۾ گوشت وجهڻ کان پوءِ ان ۾ ادرڪ ٿوم جو پيسٽ، ڪارا مرچ ۽ لونگ وجهو ۽ سـٺي نموني ڀڃي وٺو.
3-ان کانپوءِ ڪاٽيل ٽماٽا وجهي سٺي طريقي سان مڪس ڪيو.
4- مڪس ڪرڻ کان پوءِ لوڻ، پيٺل زيرو، پيٺل ڌاڻا، گرم مصالحو، ڳاڙها مرچ ۽ هيڊ وجهي ٻيهر سٺي نموني گڏائڻ کان پوءِ ڍڪ ڏئي 8 منٽن تائين پچڻ ڏيو.
5- ان کانپوءِ ان ۾ پاڻي وجهي پچڻ ڏيو.
6-هاڻ ان ۾ ڏهي وجهي سـٺي طرح ڀڃي وٺو، پوءِ ڌڪ ڏئي 5 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو.
7- ان کانپوءِ هڪ ڌار ٿانو ۾ هڪ ليٽر پاڻي وجهي هلڪي باهه تي گرم ڪيو پاڻي گرم ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ گوبي وجهو ۽ 3 منٽن تائين اٻرڻ ڏيو.
8- اٻريل گوبي کي پهريان کان تيار ڪيل گوشت جي مرڪب ۾ وجهي سـٺي طريقي گڏايو.
9- هاڻ ان تيار مرڪب کي تازن ساون ڌاڻن ۽ ساون مرچن سان سجايو.
اوهان جو تازو گوبي گوشت تيار آهي.