ٿر کي ماڪڙ کان ڪير بچائيندو؟

غازي بجير

ٿر سان 4 سالن کان برساتن جي رسي وڃڻ کان پوءِ ماروئڙن تي قدرت نيٺ مهربان ٿي ۽ هن سال ٿر تي اندازي کان وڌيڪ برساتن جي ٿيل لڳاتار سلسلن کان پوءِ ٿرين ۾ خوشي جي لهر پکڙيل هئي، ٿرين قرض کڻي ٻنيون پوکيون ۽ سٺا فصل ٿيا، پر ڏڪاريل ڏيهه تي هڪ مصيبت وري اچي پهتي آهي، جنهن ٿرين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ٿر جي ماروئڙن جو مصيبتن پيڇو ئي نه ڇڏيو آهي، مسلسل ڏڪار ۾ جڪڙيل ماروئڙن سوچيو هو ته هن ڀيري برساتون سٺيون پيون آهن، ٻني ٻارا سٺا ٿيندا پر ٿر تي وري هڪ مصيبت اهڙي ڪڙڪي آهي جو ڏڪار کان به خطرناڪ آهي، مسلسل ٿر ۾ هڪ مهيني کان ماڪڙ جا لٿل ڪٽڪ ٿر واسين جي پوکيل فصل جي تباهي ڪري ڇڏي، ماڪڙن فصل جي تباهي کان پوءِ ٿر ۾ هاڻي بيٺل وڻن ڏانهن رخ ڪيو آهي، ماڪڙن جي ڪيل تباهين جون خبرون مسلسل ميڊيا رپورٽ ڪري ٿي پر سنڌ سرڪار توڙي لاڳاپيل عملو خاموش آهي، ڪٿي به ماڪڙ مار اسپري ناهي ٿي ٿر جي ڇهن ئي تعلقن جي سمورن ڳوٺن ۾ ماڪڙن وڏي تباهي مچائي هارين جا فصل لهڻ کان اڳ ۾ ماڪڙن فصل جو سفايو ڪري ڇڏيو، سمورن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگر پارڪر، ڏاهلي، ڪلوئي سميت ٻين ڳوٺن ۾ به ڪافي ڏينهن کان ماڪڙ موجود آهن، جن فصل سان گڏ بيٺل گاهه توڙي وڻن جا پن کائي ختم ڇڏيا آهن، ماڪڙن سان مختلف ڳوٺن ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي تعداد ۾ ماڪڙن جا ڪٽڪ پهچي چڪا آهن. هڪ دفعو ٻيهر ٿر جي ڳوٺن ۾ اوچتو ماڪڙ جا ڪٽڪ لهڻ شروع ٿيا، جنهن سبب سمورا روڊ توڙي جهر جهنگ ماڪڙن سان سٿجي ويا، ماڪڙ ٻنين ۾ بيٺل گوار ۽ موٺ جي فصل توڙي چوپائي مال جي  گاهه سميت وڻ ٽڻ کي کائي تباهه ڪري رهيا آهن.

ٿر ۾ چار سال مسلسل ڏڪار هو هن سال قرض کڻي ٻنيون پوکيون ويون ان اۡميد تي ته هيل وسڪارو سٺو ٿيندو ته ڏۡک ڏولا لهي ويندا، پر فصل سٺا ٿيا جيڪي ڪجھ تازو پيل برساتن ساڙي خراب ڪري ڇڏيو، رهي سهي ڪسر وري ماڪڙ پوري ڪري رهيا آهن، ماڪڙ نه رڳو فصل پيا کاهين پر چوپائي مال جي گاهه سميت وڻن ٽڻن کي به کاهي ختم ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هن سال به ڏڪاري حالتون پيدا ٿي رهيون آهن، انسانن جو ته مزدوري ڪري پيٽ پالي ويندو پر جيڪڏهن چوپائي مال لاءِ ڪجھ نه بچيو ته ڍور مري ويندا، مسلسل ڏڪارن سبب وڏي تعداد ۾ مالوندن جا ڍور مري ويا هئا ۽ ڪجھ مارو ماڻهن پنهنجي پيٽ جي باهه اۡجهائڻ لاءِ چوپايو مال کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

مسلسل ڏڪاري حالتن ڪري هن وقت ٿر ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ چوپايو مال ناهي رهيو، مٿان هي ماڪڙ اچي ڪڙڪيا آهن، هاڻي ٿري ماڻهن کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪن ۽ ڪيڏانهن وڃن، ٿر ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ انتظاميا نالي ڪا شئي ئي ناهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڪڙ مار اسپري ڪير ڪندو، روينيو عملدار اگهور ننڍ ستا پيا آهن ۽ مسڪين ٿرين جو سڀ ڪجھ تباهه ٿي رهيو آهي، هاڻ جيستائين لاڳاپيل اختياريون اک پٽينديون تيستائين ڪجهه به نه رهندو، ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سرڪار ٿر کي وساري ڇڏيو آهي، ماڪڙ جي حملي سبب ٿر جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، ٿرين لاءِ ماڪڙ هن وقت وڏو آزار بڻجي ويو آهي، ايتري وڏي تعداد ۾ ماڪڙ لٿل آهن جو ٿر جي ڪافي حصي جا سمورا روڊ  توڙي جهر جهنگ ماڪڙن سان سٿيو پيو آهي، جيڪڏهن ماڪڙ جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته ٿر وري ڏڪاري صورتحال کي منهن ڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.