مشرف ڪيس، جڏھن اسان جو خون خوشبو ٿيندو!

مختيار راهو.

مشرف کي غداريءَ جي خاص عدالت طرفان ملڪ سان ملڪ جي آئين سان غدار ثابت ڪندي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ سزا تي ان جي مرڻ بعد مشرف جي لاش کي ڊي چوڪ تي ٽنگي سزا تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

ان ڪيس جي فيصلي اچڻ بعد سڀني جهموريت پسند ماڻهن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي ڪجھه دوستن سزاءِ موت يا ڦاهي جي سزا جي پنهنجي اصولي موقف جي حمايت ڪندي مشرف جي لاش کي ٽنگڻ جي به مخالفت ڪئي آهي. بهرحال انهن کي پوري پَڪ آهي ته اهو فيصلو ڪنهن محلاتي سازش جو نتيجو آهي. ٻيا وري قانوني پيچيدگين ۾ ڦاسندي ان ڳالهه جو اقرار ڪن ٿا ته ملڪي قانون ۾ اهڙي سزا جي گنجائش ناهي. فيصلي ۾ ڪهڙا نقطه ٺيڪ ناهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ٿر کي ماڪڙ کان ڪير بچائيندو؟

ڪجھه ته ججن جي شخصي ايمانداري جا ڳُڻ ڳائيندي اھو سڄو سارو ڪريڊٽ انهن جي جهولي ۾ اڇلائين ٿا. لازمي طور انهن سڀني ڳالهين جي ڪا تاريخ هوندي تڏھن ئي اهڙيون ڳالهيون بحث هيٺ اچن ٿيون. اسان به هنن ئي صفحن ۾ مختلف مامرن تي قانون جي تناظر ۾ ئي پئي بحث ڪيو آهي. پر اڄ اسان قانون کان هٽي به انھن نقطن تي ڳالهائيندا سين.

محلاتي سازش ۽ عوام جي بحث مان غائب هجڻ جو سوال:

عوام دوست ڌرين کي هر حالت ۾ عوام نقطه نگاهه کان بحث رکڻ گھرجي، عوام جي طاقت ٻڌي ۽ ننڍڙي ڪاميابي کي اڳتي جي جدوجهد لاءِ به دل سان سانڍڻ گهرجي انتهائي ننڍڙي ۽ مشروط امڪان کي نه وڃائڻ گهرجي. هر ڳالهه جي سبب کي محلاتي سازش سان جوڙڻ جو مقصد عوام کي نٻل ڪمزور ۽ غير اهم ثابت ڪرڻ آهي ان طرح جو طريقيڪار ملڪ جي طاقتور ڌرين جي مڪمل مفاد وٽان آهي.

سزاءِ موت جو سوال ۽ مشرف ڪيس.

انسان دوست ماڻهو سزاءِ موت جي اصولي طور تي مخالفت ڪندا رهيا آهن جيڪو مطالبو قابل تحسين به آهي. ملڪ ۾ ڪجھه وقت لاءِ سزاءِ موت معطل به رهي پر وري ان تي عمدرآمد ٿي رهيو آهي. جڏھن ملڪ ۾ ان سزا تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. قتل ۽ ريپ جي ڪيسن ۾ عدالت سڳوري کان اهي سزائون ڏئي رهيون آهن. تڏھن ان سوال کي ان شدت سان نه ٿو رکيو وَڃي نه ئي اهڙي سزا جي ڪنهن عام قيدي جي خلاف حقيقي عملدرآمد وقت به ان  بحث کي عوامي نه ٿو بڻايو وَڃي. اصولي موقف کي مڪمل اصول طور رکڻ لازمي آهي. ان اصول کي خاص ماڻهن ۽ خاص وقتن تي ان شدت سان رکڻ جو ان بحث ۾  اصل مقدمو ئي ڌنڌلائجي وَڃي اها هڪ الڳ طرح جي بي اصولي آهي. خود قانون جي تبديلي جو سوال تاريخي ضابطن ۽ مزاحمت جو سوال آھي اهو فردي وجودي پسند يا نا پسند جو سوال قطعي به ناهي. ان شخصي ۽ قانوني مونجهاري جو سادو مثال پاڪستان جي سُڃاڻپ جي انڪاري ۽ ان کان قومي  آزادي جو مطالبو رکڻ واري جو فرد جو پاڪستان جي قانوني سُڃاڻپ رکڻ واري حقيقت آهي. وري انساني آجپي جي سوال کي مڪمل مشروط اهڙي شخص سان ڪرڻ جنھن بلوچستان ۾ ڪاهه  ڪري هزارين ماڻهن جو قتل ڪرايو,  سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جو اغوا ۽ مسخ ٿيل لاشن جو سلسلو شروع ڪيو لال مسجد آپريشن  شهيد محتر مه بينظير ڀٽو جي خون ۾ ملوث آھي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

ججن جي شخصي ايمانداريءَ جو سوال..

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن ملڪ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ايماندار قابل ۽ جرتمند جج به رهيا آهن. هن خاص عدالت جا جج به تاريخ ۾ سچ جا ساٿاري شمار ڪيا ويندا. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو سوال، سوِل حڪمراني جو سوال، جمهوري آئين جو سوال سياسي مزاحمت ۽ عوامي  جدوجهد سان لاڳاپيل آ.  ان جو جدوجهد جو مثال مشرف مخالف عدليه بحالي تحريڪ هئي جنهن ۾ قانون جا پا سدا ر جج خود پنهنجي بحالي لاءِ غير قانوني طريقي يعني جلسن جلوسن ڌرڻن ۽ سياسي جدوجهد جا محتاج ھئا.  تاريخي طور انسانن پنهنجا بنيادي حق عوامي ويڙهه سان حاصل ڪيا آهن جيڪي اڄ انساني بنيادي حقن جي ضابطن،  قانونن ۽  دستور جي صورت ۾ موجود آهن.  عوامي آزادي، سماجي انصاف آجپي جي ويڙه ئي بنيادي سماجي تبديليءَ جي جو محرڪ آھي.

جڏھن اسان جو خون خوشبو ٿيندو !

ان سڄي ساري بحث جو ائين رکڻ ته مشرف جي سزا پويان به ان جا پنهنجا آهن. يا هي ججن جي شخصي ايمانداري آھي سچ پچ هڪ وڏي ناانصافي سياسي ڏوهه آهي انهن سڀني شهيدن سان جن مشرف آمريت مخالفت ۾ پنهجي خون جو نذرانو ڏنو. جيڪي زنده ساڙي رک ڪيا ويا. ٻارهن مئي تي ٿيل قتل عام نَو اپريل تي ڪيميڪل هاري جيرا ساڙيل انسان اهڙي تحريڪ ۾ موجود ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ هي فيصلو انهن جي رت سان لکيو ويو آهي. انهن سڀني سياسي سماجي ڪارڪنن مشرف مخالفت ۾ رت  ۽ پگهر ڏنو جيل ڀريا، پوليس جون لٺيون پنهنجي سر تي  سهيون ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل سٺا. انھن سڀني سياسي سماجي ڪارڪنن وڪيلن مشرف کي وقت جي طاقتور ڌرين جي طاقتور حڪمران منجهان ڪمزور صدر ان جي استعيفا وري اڳتي هلي ملزم ۽ ڀاڳيلي ڊڄڻي مجرم تائين وٺي آيا.  ملڪ ۾ حڪمران ڌر جا تضاد کان سواءِ، حاليه پشتون تحفظ موومينٽ  جي مزاحمت، وري ان سڄي جنگاڻ ۾ وڪيلن جي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسل ايسوسي ايشن جي جدوجهد جسٽس شوڪت صديقي ۽ قاضي فائز عيسي جي جرئت ۽ وڪيلن جو انھن سان جدوجهد جو ساٿ اهي سڀ معاملا نٻل ۽ ماٺيڻا ناھن پر انھن ھڪ آمر کي غدار ثابت ڪيو.  جڏھن اسان جو خون خوشبو ٿيندو ته ويڙها وطن جا واسي ڇڏيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.