آبادي جي شرح کي ڪٽنرول ۾ آڻڻ ضروري آهي

ماريا اسماعيل

پاڪستان ۾ شرح پيدائش کي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ اسان کي فيملي پلاننگ جي بهتر طور تي منصوبي بندي ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي گهر گهر وڃي آگاهي ڏيڻ گهرجي.هن وقت دنيا جي ڪل آبادي 7 ارب 70 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته ان سڄي آبادي جو 61.3 سيڪڙو يعني 4 ارب 50 ڪروڙ آبادي صرف هڪ کنڊ يعني ايشيائي ملڪن جي آهي. هڪ اندازي موجب 2050ع تائين دنيا جي آبادي وڌي ڏھ ارب تائين پهچندي.

هن وقت چين دنيا جي وڏي ۾ وڏي آبادي وارو ملڪ ۽ ڀارت ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته اسان جو ملڪ پاڪستان پڻ آبادي جي لحاظ کان دنيا ۾ ڇهين نمبر تي آهي جنهن جي آدم شماري 22 ڪروڙ کان مٿي آهي. اهڙي طرح دنيا جي آبادي ۾ گذريل چار سالن دوران 14 سيڪڙو جي نسبت سان اضافو ٿيو آهي ۽ موت جي شرع کان پيدائش جي شرح ۾ واڌارو ٿيندو ويو آهي.

پاڪستان ٺهڻ وقت 1947ع ۾ ڪل آبادي 75 ملين هئي يعني اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ 33.7 ملين ۽ اولهه پاڪستان ۾ 42 ملين ماڻهو آباد هئا. پر آزادي کانپوءِ تيزي سان آبادي وڌي آهي. يونسيڪو جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ جي شرح هر خاندان ۾ 3.1 جي نسبت سان ٿي رهي آهي. ملڪ جي آبادي اهڙي ريت اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن ملڪ جي آبادي ائين ئي وڌندي رهندي ته ايندڙ 37 سال ۾ ملڪ جي آبادي ٻين کان به وڌي ويندي.

ملڪ ۾ جاري خاندان منصوبه بنديءَ جو پروگرام سياسي مداخلت ڪري موثر ٿي نه سگهيو آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو آباديءَ جي شرح کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جنرل ايوب خان جي دور ۾ 1960ع کان 1965 ع تائين هڪ جامع پروگرام جي شروعات ڪئي وئي هُئي پر پوءِ ڪجهه سياسي غلطين ڪري ۽ پروگرام کي عملي جامعو پهرائڻ جي سلسلي ۾ سياسي رنڊنڪن ڪري اهو پروگرام ڪامياب ٿي نه سگهيو.

 

ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته خانداني منصوبه بنديءَ جي خاطرخواه حمايت ڪئي پر هن نٿي چاهيو ته ان جي حڪومت جي خلاف منصوبه بنديءَ جي حوالي سان ڪا تحريڪ هلي ۽ نعره لڳن ان ڪري ان جي دور ۾ به اهو منصوبو ڪامياب ٿي نه سگهيو. بي نظير ڀٽي پنهنجي حڪومت ۾ ان پروگرام کي ٻيهر زنده ڪيو ان ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ آباديءَ جي شرح ۾ روڪ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ 28 سيڪڙو ٿي وئي.

ماهرن جو خيال آهي ته اصل ۾ آبادي وڌڻ جا بنيادي سبب غربت، جهالت، ننڍي عمر ۾ شاديون، گهٽ تعليم سبب سماجي اڻبرابري، موت جي شرح گهٽجڻ ۽ ڄم جي شرح ۾ واڌ، قبيلائي سڱابندين سبب ننڍي عمر ۾ سڱ ڏيڻ ۽ وٺڻ، پهرين ٻار ۽ ٻار جي پيدائش ۾ وقفو نه ڪرڻ، ازدواجي زندگي جي صحيح تعليم نه هئڻ پڻ آبادي جي وڌاءُ جو هڪ اهم سبب آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ڏس ۾ موثر حڪمت عمليون اختيار نه ڪيون آهن. سنڌ ۾ آباديءَ جي شرح تي ضابطو آڻيندڙ عملي جي کوٽ ۽ انهن جي بهتر تربيت نه ٿيڻ، عوام جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آگاهي نه هجن ۽ ڪنهن ڪنهن مهم جو موثر نموني نه هلڻ پڻ اهڙيون ڪوتاهيون آهن جنهن کي پروگرام پنهنجا گهربل نتيجا ڏئي نه سگهيو آهي.

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ننڍي عمر جي شادين سبب عورتن ۾ رت جي کوٽ سبب حمل ضايع ٿيڻ ۽ ويم دوران عورتن جو مرڻ عام ٿئي ٿو. هڪ اندازي موجب دنيا ۾ هر ڪلاڪ دوران 3 عورتون ويم دوران فوت ٿي وڃن ٿيون. ان کانسواءِ آبادي جي وڌڻ سبب وسيلن جي کوٽ، بيروزگاري، غربت، صحت ۽ تعليم جي اڻاٺ، خوراڪ جي کوٽ ۽ ڳتيل آبادين سبب رهائش لاءِ گهربل گهرن ۽ پلاٽن جي کوٽ پڻ پيدا ٿيندي آهي. انهن سمورن مسئلن جي ڪري سماج ۾ ڪمزوري جنم وٺي ٿي جنهن ڪري خودڪشين، ڦرلٽ ۽ سماجي ڏوهن ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي. ضرورتن جي پورائي نه ٿيڻ سبب قرض کڻڻ به هڪ مسئلو ٿي ويندو آهي. تنهن کانسواءِ آبادي جي واڌ سبب ماحول ۾ پڻ بگاڙ ايندو آهي، صفائي نه ٿيڻ، پاڻي جي کوٽ ٿيڻ، هوا ۽ پاڻي جي گدلي ٿيڻ ڪري پڻ انساني زندگين تي اثر پوندا آهن.

سينئر صحافي عافيه اسلام جو چوڻ آهي ته سماج اندر آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ان لاءِ الفاظ بهتر هجڻ گهرجن. اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته عورتون فيملي پلاننگ جا ذريعا استعمال ڪري رهيون آهن يا نه. سينئر صحافي جاويد جبار جو چوڻ آهي ته هي حڪومت يا اداري کي نه بلڪ کي خاندان ان لاءِ راضي ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي خاندان جي ڀلي ۽ ٻارن جي سٺي پرورش لاءِ خانداني منصبه بنديءَ واري پروگرام تي عمل ڪري ۽ گهٽ ٻار پيدا ڪري ان بعد ئي اهو ممڪن ٿي سگهندو ته ٻارن جي پرورش بهتر ٿئي. پر معاشري ۾ رهندڙ مردان جي اها مرضي هوندي آهي ته هو پنج – ڇهه ٻار پيدا ڪري سگهن ٿا، پر شايد هو اهو نه ٿا سمجهن ته اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجي ٻارڙن سان انصاف نه ڪري سگهندا. اصل ۾ خاندان منصوبه بندِ واري پروگرام جو ڪامياب ٿيڻ يا ناڪام ٿيڻ جو دوارو مدار مرد جي باشعور هجڻ تي آهي، عورت يا حڪومت جي باشعور هجڻ تي گهٽ آهي.

هڪ صحافي زوهيب خان جو چوڻ آهي ته عورت ئي ٻار کي پيدا ڪندي آهي ان ڪري ماءُ ۽ ٻار جي پيدائش ۾ 4 سال جو وفقو ضروري آهي. جي ايم پي سي جي ايگزيڪٽو ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته اگر اسان وٽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جو طريقي هجي ته ننڍو خاندان ئي بهتر آهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ان جا بهتر نتيجا نڪري اچن. ڪراچيءَ جي هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي اها آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ته هو خاندان منصبوه بندِ واري پروگرام جو اصل مطلب سمجهن، ماڻهو جي ذهين ۾ اها ڳالهه آهي ته خاندان منصوبه بنديءَ جو مقصد ٻار پيدا نه ڪرڻ آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ماڻهو ان کي اسلام جي خلاف به سمجهن ٿاجيڪا ڳالهه درست نه آهي.

اهڙي طرح آبادي کي روڪڻ لاءِ حڪمتي عملي جوڙڻ سان گڏ اسان کي پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسين مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچي سگهون. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته وڌ کان وڌ آبادي جي گهٽائڻ لاءِ عام ماڻهو تائين ڄاڻ پهچايون ۽ وڌ کان وڌ فيملي پلاننگ جي لاءِ عورتن ۽ مردن کي راضي ڪريون.

ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. اهڙي طرح اسين ڪنهن حد تائين آبادي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

هن وقت ايشيا جي ملڪن ۾ خاص ڪري ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ آبادي هڪ وڏي انگ ۾ وڌي رهي آهي ۽ انهن ئي ملڪن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.