ميهڙ ۾ چور سوگھو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ميهڙ ( ت ر ) ڀٽائي پاڙي ميهڙ ۾ ٽائون آفيسر محمد نواز سومرو ۽ نياز سومرو  جي گهر ۾ چور داخل، گهر ڌڻين پاران حيدرآباد جي رهواسي 18 ورهين جي نوجوان ناصر شيخ کي  پڪڙي مارڪٽ بعد ميهڙ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو .

لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 15 گهربل ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل ۽ اشتهارين سميت 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ  جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ايس ايڇ او رحمت پور ميران خان دراني جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ بدنام ڏوهاري علي جان ملگاڻي گروپ سان واسطو رکندڙ ٻن جوابدار مقيم ملگاڻي ۽ رفيق بليدي کي 4، 4 ڪلو چرس سميت، ايس ايڇ او مارڪيٽ انسپيڪٽر خادم حسين مگسي جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار امتياز ابڙو کي هڪ ڪلو هڪ سئو گرام چرس سميت، ڏوڪري پوليس چيڪنگ دوران جوابدار سيف الله ڏيرو کي چرس سميت، حيدري پوليس اشتهاري جوابدار سرفراز سانگي کي، ساڳي ئي ٿاڻي جي پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 10 جوارين بابر، عبدالله، رياض، عابد، احتشام، فياض، قدوس، مختيار ۽ رياض کي روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. . پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.