اسٽيل مل ۽ ان جي رٽائرڊ ملازمن جو نوحو

حميده گهانگهرو

ويجهڙ 10 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو پاڪستان اسٽيل مل جي رٽائرڊ ملازمن جو هجوم هُيو، سندن محرومي، پريشاني. مجبوري ۽ بي وسي ڄڻ  استحصالي قوتن کي جهنجهوڙي سندن ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. همٿ ۽ بهادريءَ سان ثابت قدم ٿي پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ سندن بنيادي حق هو.

هي ان اسٽيل مل جا ملازم هُيا جيڪو پاڪستان جي وڏي اداري ۽ ننڍين صنعتن جي ماءُ طور سڃاتو وڃي ٿو. اها هڪ حقيقت آهي جيڪڏهن ماءُ اجڙيل هوندي ته اولاد خاندان سڀ وکرجي ويندا . اڄ پاڪستان اسٽيل جي زوال سبب ملڪ ۾ مهانگائي، شين جو اڻلڀ ٿيڻ، ملازمن جي بيچيني وڏو ثبوت آهي ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي آمدنيءَ جي ذريعي جي پيداواري صلاحيتن جي کوٽ سبب معشيت تي ڪيترو اثر پيو آهي، هڪ اسٽيل مل پاڪستان جي معاشي ذريعن تي مضبوط  ٿنڀ جو ڪم ڪري رهي هئي . اڄ جڏهن ملازم ماضيءَ جي خوبصورت يادن کي سهيڙي يتيميءِ، لاوارثيءَ تي ماتم ڪري رهيا هئا ته ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ پريس ڪلب تي ناانصافي، ظلم ۽ استحصال خلاف تڏو وڇايو ويو آهي . ملازمن جو چوڻ هو ته سندن گھر جو راشن اڻ لڀ ٿي ويو آهي ۽ مجبور ٿي هو ته ايڌي سينٽر تان کاڌو وٺي ٻارن کي کارائين ٿا. ڇا هيءَ اها اسٽيل مل آهي جنهن 2005 ۾ راولا ڪوٽ، بالا ڪوٽ ۾ زلزلي سبب آيل تباهي ۾ ملازمن پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار سان گڏ گھرن ٺاهڻ لاءِ لوهه ۽ شيٽس ڏنيون هيون ته جيئن بي گھر ستايلن کي ڪجهه سهارو ملي پر اڄ ان جا ملازم رٽائر ٿيڻ کانپوءِ  بي گهر ۽ بک وگهي پريشان آهن . ڪيترن ملازمن جي نياڻين جا رشتا رهجي ويا ۽ ٻارن جي پڙهائي ختم ٿي وئي آهي . جن فولاد جي ڪارخاني ۾ پنهنجي جوانيءَ کان رٽائرمينٽ تائين جي زندگي وقف ڪئي، اڄ اهي ملازم پنهنجي بي وسيءَ ۾  پنهنجو حق گھرڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. سندن جائز مطالبو اهو آهي ته پوري سروس جو نچوڙ سندن موڙي آهي جيڪا هو پنهنجي سروس مان ڪٽرايل پئسن مان پنهنجي امانت ئي وٺي رهيا آهن . گورنمينٽ ملازم چاهي سيمي گورنمينٽ جا ملازم سڀ پنهنجي پگهار مان فنڊ ڪٽرائيندا آهن جيڪي رٽائرمينٽ کانپوءِ کين ملڻ گهرجن . حالانڪ ايتري پيداوار ڏيندڙ اداري جي ملازمن کي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پينشن نه پر اولڊ ايج الائونس ملندو آهي جيڪو 6500 آهي، هن دور ۾ انهيءَ الائونس مان ڪيترو پورائو ٿي سگهي ٿو، ان جو ڪوبه باشعور انسان دوست اندازو لڳائي سگهي ٿو . انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سندن بقايائون کين ڏنيون وڃن، جيڪي ئي کين ڪجهه سهارو ڏئي سگهن ٿا .

2013 کان رٽائر ملازم 2019 ۾ بلڪل هٿين خالي آهن . ڇا 2013 جي پئسي جي قيمت 2019 ۾ به اوتري هوندي، ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته 2019 جي پئسي جي اهميت مطابق سندن حق ڏيڻ گھرجي .

جڏهن فلڪ شگاف نعرن جي گونج آسمان سان ٽڪرائي پئي ته ڄڻ زمين ۾ لرزش پئي اچي . ملازمن  جي حق  جو آواز ڪنهن زلزلي  کان گھٽ نه هو ، پر ڇا صوبائي يا وفاقي حڪومت کي سوچڻ لاءِ هيءَ احتجاج ڪافي ناهي . سوويت يونين جيڪا هاڻي الڳ رياستن ۾ ورهائجي وئي آهي. يوڪرين ۽ روس اڳ الڳ ٿي ويا آهن. پر اشتراڪي نظرئي جي تحت پاڪستان جو فولادي صنعتي ادارو نه صرف قائم ڪيو ويو پر هتان جي ورڪرس، انجنيئرس، ٽيڪنيشن کي بهترين ٽريننگ ڏيڻ لاءِ مفت ۾ روس ۽ يوڪرين ٻنهي پنهنجي خرچ تي کين پاڻ ڀرو بيهارڻ لاءِ سٺا ۽ ڪامياب ملازم ٺاهيا. بدقسمتي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ان اداري کي بهتريءَ بجاءِ زوال  ڏانهن ڌڪيو ويو .

ڪيئي خبرون آهن ته اداري جي تباهي جي نشاندهي ڪرڻ باوجود انهن تباهه ڪارن کي پڪڙي اسٽيل مل کي بحال ڪرڻ ۾ واسطيدار اختياريون ناڪام ويون آهن . لا محاله ڪنهن تي اثر پوي يا نه پر اڄ زندگيون وقف ڪرڻ وارن ملازمن جون ڀوڳنائون ناقابل برداشت نه آهن .

اداري جون ڪيتريون بيواهه عورتون آهن جيڪي دوران سروس ته خاموشيءَ سان گذارو ڪن پيون پر اڄ تمام ڏکي حالت ۾ مائٽن جي سهاري ڪڏهن ڪنهن جي در ته ڪڏهن ڪنهن جي ڏينهن، مهينن پٺيان سالن جا سفر ڀوڳي ۽ جهاڳي رهيون آهن، ڇا هي مهذب معاشرو عورت جي قدر کي سڃاڻڻ جي صلاحيت کان آجو ٿي ويو آهي يا وري بي حسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي سماجي قدرن کي غلاف سان ڍڪي ڇڏيو آهي . چوڻ ۾ ته هي اسلامي جمهوري ملڪ آهي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته ”پورهيت خدا جو دوست آهي“ پورهيت جو پگهر سڪڻ کان اڳ سندن محنت  جو اجورو ڏنو وڃي. پنهنجي محنت ۽ پورهئي وارن هٿن کي ڏسڻ ته ٺهيو پر سندن اکين جا لڙڪ ۽ نور جو گھٽجڻ  به ڪنهن کي نظر نٿو اچي . پريشانين ۾ وقت کان اڳ زندگيءَ کي الوداع ڪرڻ، روئي روئي روشن دنيا کي انڌيري ۾ ڏسڻ ڇا انهن جي ذميواري اهي. ڇا هن اسٽيٽ ۽ حڪومت جي ڪا ذميواري ناهي ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته سڀاڻي جا ايندڙ نسل ڪهڙا سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل استاد باشعور ترقي پسند پيدا ٿيندا. بک، بيروزگاريءَ، مفلسي جي خاتمي کانپوءِ ئي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪو خوبصورت خواب ڏسي سگهجي ٿو .

پنهنجي پيرن تي بيٺل اسٽيل مل ملازمن جي رهائشي ڪالوني اسٽيل ٽائون، اسڪول، ڪاليج، ٽريننگ ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج، گيسٽ هائوس، آفيسرس ڪلب، لئبريري، ڪميونٽي سينٽر، قائداعظم پارڪ، قائداعظم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هنڊريڊ بيڊ جهڙي تمام خوبصورت اسپتال، ننڍيون ننڍيون پارڪون، گلشن حديد جهڙو ملازمن جي ذاتي ملڪيت جو رهائشي منصوبو صرف ۽ صرف اسٽيل مل جي اهميت ڪري آهي. پر اڄ هي ادارو، اداسي ۾ وڪوڙيل آهي ڇاڪاڻ جو اداري جي بيچينيءَ جو عڪس ملازمن جي بيچيني سان  جڙيل آهي ان ڪري هن اداري جي ملازمن  سان انصاف ڪري سندن جائز حقن کي مان ڏنو وڃي، سڀاڻي جي تاريخ پڙهندڙ اسٽيل مل کي جواني جو موت مرندي نٿا ڏسي ۽ پڙهي سگهن .

انقلابي، سوشلسٽ ملڪ جي پوکيل ٻج جنهن ۾ روس جي پورهيت عورتن جا به هٿ شامل آهن جن ڏينهن راتين  جي محنت سان هزارين ميلن جي سفر کانپوءِ صرف هن ملڪ جي عوام کي پنهنجي پيرن تي بيٺل ڏسڻ پئي چاهيو. اسٽيل ٽائون جي رشين ڪالوني ڀلي کڻي اڄ آفيسرس ڪالوني جي نالي آهي پر عوام جي ذهنن ۾ رشين ڪالوني سمايل آهي اهو آهي، سچ ، سچ تاريخ ٺاهيندو آهي پر ڊاهيندو ناهي،

پاڪستان اسٽيل مل پورهيت جو سڄي ملڪ  جي ڪنڊ ڪڙڇ  مان آيلن جو سنگم رهي آهي. اڄ انهن  ملازمن کي تقديرن جي منگهڙت ڪهاڻين ۾ قيد ڪري سندن جواني جي محنت جو سرمايو سندن حق سمجهي ادا ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.