اليڪشن ڪميشن ۾ مقرريون معاملو: رهبر ڪميٽي جي ڌمڪي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر اڪرم خان دراني خبردار ڪيو آهي ته حڪومت وٽ آخري موقعو آهي هو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جو معاملو حل ڪري.

مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪرم خان دراني چيو ته اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تي اسان جو اعتماد گذريل اليڪشن جي ڪري ناهي رهيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:رهبر ڪميٽي طرفان مختلف شهرن ۾لڳل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته گذريل اجلاس ۾ جيڪو فيصلو ٿيو هو ان حوالي سان حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

اڪرم دراني خواهش ظاهر ڪئي ته ڪوشش آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيف جو معاملو پارليامينٽ حل ڪري.

هن حڪومت تي تنقيد ڪئي ته حڪمران پارٽي ايتري نااهل آهي جو پاڻ معاملو حل ناهي ڪري رهي ان ڪري حڪومت ڪنهن به اتفاق راءِ پيدا ناهي ٿي رهيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت مايوسي جو شڪار آهي پر چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جو فيصلو گڏ ڪرڻ تي اتفاق آهي.

اڪرم دراني وڌيڪ چيو ته اسان نيڪ مانهن کي اليڪشن ڪميشن ۾ آڻڻ چاهيون ٿا.

رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي ان ڪري سٺي شهرت واري شخصيت سامهون اچڻ گهرجي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آزادي مارچ بابت رهبر ڪميٽي جو فيصلو ئي مڃينداسين: اسفنديار

ان کان سواءِ مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل ۽ رهبر ڪميٽي جي ميمبر احسن اقبال چيو ته حڪومت کي ٽي سال پهرين چيف اليڪشن ڪمشنر جي ريٽائر ٿيڻ بابت پهرين ئي علم ۾ هو پر حڪمران پارٽي ڪو سنجيده قدم نه کنيو.

هن چيو ته وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين کان پهرين ئي  ٿي وڃڻ گهرجي ها.

احسن اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان پنهنجي ئي صدر کان غير آئيني ڪم ڪرايو ۽ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ تي به ڪجهه ائين ئي ٿيو.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.