زرداري جي آزادي سٺو سنئون، پئسا اچڻ وارا آهن…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آصف زرداري کي ضمانت تي رهائي ملڻ سٺي ڳالهه آهي، پلي بارگين ذريعي پئسا اچڻ وارا آهن.

آصف زرداري جي رهائي تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اهي پهريون ڀيرو پلي بارگين ڪندا، مارچ تائين 5 ڪيسن ۾ انهن جي پهرين پلي بارگين اچي ويندي، بلاول ننڍپڻ کان انهن 5 ڪيسن ۾ ڊائريڪٽر آهي، انهن ڪيسن جي پلي بارگين نه ٿي ته بلاول جو سياسي مستقبل ختم ٿي ويندو.

هن اها به دعويٰ ڪئي ته تمام جلد پلي بارگين ذريعي پاڪستان ۾ گهڻو پئسو اچڻ وارو آهي.

پي اي سي واقعي تي تبصرو ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڇن ۽ ڪارن ڪوٽن ۾ ويڙهه سان 3 حياتيون زيان ٿيون، سڄي دنيا کي پيغام ويو ته بنيادي طور انتهاپسند آهيون، ان واقعي تي سڄي قوم شرمندي آهي، اسان اخلاق وساري چڪا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.