پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ٿيل نقصان جي تفصيل جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ٿيل هنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪري 10 ڪارڊڪ مانيٽرز، چار ايڪو مشينون ۽ ٽي وينٽي ليٽرن سميت ٻين اهم اوزارن کي نقصان پهتو آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ايم ايس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي گذريل ڏينهن ٿيل هنگامي جي نتيجي ۾ اداري کي پهتل نقصان جي تفصيل سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو آهي.

ايم ايس طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب وڪيل جي هنگامي جي نتيجي ۾ 10ڪارڊڪ مانيٽرز، 4 ايڪو مشينون، 3 وينٽي ليٽرز، ايمرجنسي بيڪ هال، 15 سيلنگ پيسز، اي ايم ايس ۽ ڊاڪٽر روم جي 2 دروازا، فارميسي جا 2 شيشا ۽ 7 ڪونڊيون ڀڳيون ويون.

رپورٽن موجب هنگامي ۾ گڏيل طور تي انهن 15 گاڏين کي به نقصان رسايو ويو جيڪي اسپتال جي حدن ۾ بيٺيون هيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ هنگامي سبب ٿيل نقصان جي تفصيل جاري

رپورٽن موجب جن گاڏين کي نقصان رسايو ويو آهي ۽ جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جي سموري تفصيل فراهم ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب مهران نمبر بي اين – 565 جي بيڪ اسڪرين، هنڊا سٽي نمبر ايل ڊبل اي جا دروازا اسڪرين سان گڏ ۽ مهران نمبر ايل او يو 6730 جي بيڪ اسڪرين تباهه ٿي وئي.

رپورٽ موجب مرسڊيز نمبر ڪيو يو 090 جي بيڪ اسڪرين، ويگنار نمبر ايل اي وي 9589 جي ونڊ اسڪرين، هنڊا سٽي نمبر ايل اي ايف 9502 جي ونڊ اسڪرين، سوزوڪي نمبر ايل اي ايڇ 8228 جي بيڪ اسڪرين، ٽويوٽا ايل سي 5252 جي بيڪ اسڪرين، گاڏي نمبر ايل اي 7182 جي ونڊ اسڪرين، ڪلٽس نمبر ايف ڊي اي 664 جي بيڪ اسڪرين، مهران نمبر ايل اي سي 7005 جي ونڊ اسڪرين ۽ ٽويوٽا نمبر ايل اي 8850 جي بيڪ اسڪرين مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.

ايم ايس جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن هنگامي ۾ ٽويوٽا نمبر ايل اي ڊي 1355 جي بيڪ اسڪرين ۽ ڇت، ويگنار نمبر ايل سي ڊي 6407 جي ونڊ اسڪرين، ٽيوٽا نمبر جي ايل آءِ نمبر ايل اي ڊي 1549 مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي جڏهن ته اسپتال ۾ بيٺل ڪلٽس نمبر ايل اي ڊي 6407 جي باڊي مڪمل طور تي ٿي وئي آهي.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.