”شهيد بينظير جو نالو عوام جي دلين مان نٿو ڪڍي سگهجي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سازشي ماڻهو پاڪستان مان بينظير جو نالو مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن جو نالو عوام جي دلين مان نٿا ڪڍي سگهن.

هن اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي شخصيت تي ترڪي جي ليکڪا جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته محترمه جي شهادت ٿي ته ماڻهن اميد ڪئي ته آئون هن تي ڪتاب لکان پر اڄ تائين مون ۾ اِهو حوصلو ناهي آيو جو ان تي ڪتاب لکي سگهان، بينظير ڀٽو دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف آواز اٿاريو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حڪومت انساني حقن جي پامالي ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو چيو ته سازشي ماڻهو پاڪستان مان شهيد بينظير جو نالو مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، توهان شهيد بينظير جو نالو عوام جي دلين مان ڪيئن ٿا ڪڍي سگهن، بينظير ڀٽو سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف مارچ ڪيو ته ان جي پاڻ قيادت ڪئي.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هاڻ جيڪي لانگ مارچ ٿيندا آهن انهن ۾ ڪنٽينر جي اندر ويهي هٿ لوڏايو ويندو آهي، اڄ چون ٿا ته يوٽرن وٺڻ کان سواءِ ليڊر نٿو بڻجي سگهجي، اسان تي ذميواري آهي ته اِهو ڏيکاريون جڏهن ته ڪرپٽ ماڻهو ڀڄي ويندا آهن ۽ اصولن تي بيٺل رت ڏيندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.