آصف زرداري جي آزادي حق، سچ جي فتح ۽ يو ٽرن حڪومت جي شڪست آھي: محمد بخش مهر

عوامي آواز رپورٽ
آصف زرداري جي آزادي حق، سچ جي فتح ۽ يو ٽرن حڪومت جي شڪست آھي: محمد بخش مهر
عوامي آواز رپورٽ آصف زرداري جي آزادي حق، سچ جي فتح ۽ يو ٽرن حڪومت جي شڪست آھي: محمد بخش مهر

پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته آصف علي زرداري جي آزادي حق، سچ جي فتح ۽ يوٽرن حڪومت جي شڪست آھي.

ڪراچي ۾ انجنيئر همايون مفتي سان والده جي وڇوڙي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش خان مهر چيو ته سموري مخالف ڌر حڪومت جي نشاني تي هجڻ باوجود عدالتن مان انصاف تي ٻڌل فيصلا اچن پيا.

هن چيو ته سندس خلاف به هڪ جعلي سرڪار جعلي ڪيس ٺاهيو آھي پر کيس يقين آھي ته عدليه انصاف ۽ حق سچ جي بنياد تي اهي خارج ڪري ڇڏيندي.

محمد بخش خان مهر چيو ته خورشيد احمد شاهه کي ڇهه مهينا اڳ جيل حوالي ڪيو ويو، ها۾ جي آءِ ٽي جون ڳالهيون ٿين پيون.

پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو ته دنيا ۾ ڪهي ائين ناهي ته گناهه ثابت ٿيڻ کان اڳ ماڻھو کي سزا ڀوڳين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.