چڪن ڪوفتا

گھربل شيون:

مرغيءَ جو قيمو : هڪ ڪلو گرام

ڌاڻا، ڪاٽيل  : هڪ ويڙهي

بصر، ڪاٽيل  : ٻه عدد

ساوا مرچ ڪاٽيل: پنج کان 6 عدد

ثابت ڌاڻا، ڀڳل: کائڻ جو هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ پيٺل: کائڻ جو هڪ چمچو

گرم مصالحو: کائڻ جو هڪ چمچو

For GRABY

تيل: پنج کان 6 کائڻ جا چمچا

بصر ڪاٽيل: هڪ کان ٻه عدد

ٿوم جو پيسٽ: کائڻ جو هڪ چمچو

ادرڪ جو پيسٽ: کائڻ جو هڪ چمچو

ٽماٽن جو پيسٽ: هڪ کان ٻه کائڻ جا چمچا

زيرو پيٺل: کائڻ جو هڪ چمچو

گرم مصالحو: کائڻ جو هڪ چمچو

هيڊ:  کائڻ جو هڪ چمچو

پاڻي : هڪ ڪوپ

ڌاڻا سجاوٽ لاءِ

ترڪيب:

سڀ کان اڳ مصالحا  پيسڻ جي مشين وجهي ان ۾ مرغي جو قيمو، ڪاٽيل ساوا ڌاڻا، ڪاٽيل بصر، ڪاٽيل ساوا مرچ، ڀڳل زيرو، پيٺل ڳاڙها مرچ، لوڻ، خش خش ۽ گرم مصالحو وجهي سٺي نموني پيسيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:دال گوشت ۽ چانور

ان کان پوءِ هٿن کي ٿورو ٿيل لڳائي سڻڀو ڪري وٺو پوءِ قيمي جي مُٺ هٿ ۾ کڻي ان جا گول پيڙا ٺاهيون.

هاڻ هڪ ٿانو ۾ تيل گرم ڪري ان ۾ ڪاٽيل بصر وجهي گولڊن برائون ٿيڻ تائين ڀڃيو.

ان کان پوءِ ان ۾ ڪاٽيل ٽماٽا وجهي ڀڃيو ۽ پوءِ ٽماٽن جي چٽڻي شامل ڪري ان ۾ ڌاڻن جو پائوڊر، پيٺل زيرو، گرم مصالحو، پيٺل ڳاڙها مرچ ۽ هيڊ وجهي سٺي نموني پچايو ۽ پوءِ ان ۾ ضرورت موجب پاڻي وجهي ڇڏيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ريشمي ڪباب تيار ڪرڻ جي ترڪيب

شامل ڪيل شيون اُٻرڻ کان پوءِ ان ۾ ڪوفتا وجهي 10 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو.

اوهان جا چڪن ڪوفتا تيار آهن.

 


 

Leave A Reply

Your email address will not be published.