فن لينڊ جي سنا مارين ننڍي عمر ۾ وزيراعظم چونڊيل پهرين عورت بڻجي وئي

 

هيلسنڪي (ويب ڊيسڪ) فن لينڊ جي سنا مارين پنهنجي ملڪ جي نئين وزيراعظم چونڊجڻ سان گڏوگڏ دنيا جي ننڍي عمر واري وزيراعظم هجڻ جو اعزاز به حاصل ڪري ورتو.

فن لينڊ ۾ وزيراعظم انتي راءِ جي استعيفيٰ کانپوءِ حڪمران جماعت سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪابينا ميمبر سنا مارين کي وزيراعظم نامزد ڪيو، اتحادي جماعتن جي حمايت کانپوءِ سندس چوند عمل ۾ آئي ۽ هلندڙ هفتي ئي هوءَ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندي.

34 ورهين جي سنا مارين جيڪڏهن عهدي جو حلف کڻي ٿي ته هوءَ دنيا ۾ ننڍي عمر واري وزيراعظم بڻجي ويندي، جڏهن ته فن لينڊ جي ٽين عورت وزيراعظم هوندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: نيوزيلينڊ ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، 5 فوت، ڪيترائي گم

هن وقت عورتن ۾ ننڍي عمر جي وزيراعظم جو اعزاز نيوزيلينڊ جي جيسنڊا آرڊرن وٽ آهي، جنهن جي عمر 39 سال آهي، جڏهن ته مردن ۾ يوڪرين جو وزيراعظم اوليڪسي هونچاروڪ 35 ورهين جو آهي.

سنا مارين ان کان اڳ ٽرانسپورٽ واري وزير طور ذميواريون نڀائي رهي هئي.

وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ سنا مارين جو چوڻ هو ته مون کي ماڻهن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.

اپريل ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ سنا مارين جي پارٽي سڀ کان وڏي جماعت ثابت ٿي هئي پر حڪومت ۾ 4 اتحادي جماعتن کي شامل ڪيو ويو، اهڙي ريت فن لينڊ جي ڪابينا 5 جماعتي اتحاد تي ٻڌل آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن پنجن ئي جماعتن جون سربراهه عورتون آهن.

فن لينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم آنتي راءِ کي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڊاڪ هڙتال تي ضابطو آڻڻ جي طريقي ڪار ۾ 5 اتحادي جماعتن مان هڪ پارٽي جو اعتماد وڃائي ڇڏيو هو، جنهن سبب کيس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.