پاڪستان جي 313 شين کي چيني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ حاصل ٿي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 313 شين کي چيني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ حاصل ٿي وئي.

واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين جنوري کان پاڪستان جي 313 شين کي چيني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ حاصل ٿي وئي آهي ۽ جن پاڪستاني شين کي ڊيوٽي فري پهچ ڏني وئي آهي، ان ۾ چين جي عالمي امپورٽ 64 ارب ڊالر آهي.

پڌرائيءَ موجب چيني منڊين ۾ پاڪستان کي آسيان ملڪن جي برابر مراعتون حاصل هونديون، واپاري معاهدي تحت ٽيرف مراعتون پهرين جنوري 2020 کان لاڳو ٿينديون، شين تي مراعتون ٻه طرفي طور لاڳو ٿينديون.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.