بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي جي برطرف ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل جي سڄي ملڪ ۾ برطرف ملازمن کي بحال ڪري حڪومت کي پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عبدالله بلوچ تي ٻڌل ڊويزنل بينچ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل جي برطرف ملازمن طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بلوچستان هاءِ ڪورٽ اهم ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو…

عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي قانون جي تحت پي ايم ڊي سي جي ملازمن کي فارغ ڪيو آهي.

عدالت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن آرڊيننس 2019ع جي سيڪشن 49 کي معطل ڪندي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل صدارتي آرڊيننس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو. عدالت حڪومت کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي جي سڄي ملڪ ۾ سمورن ملازمن جون بند پگهارون فوري طور تي ريليز ڪيون وڃن.

پي ايم ڊي سي جي برطرف ملازمن طرفان نصيب الله ترين ايڊووڪيٽ، جڏهن ته حڪومت طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل مصطفيٰ بوزدار پيش ٿيا.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.