سوڀي ديري ۾ استاد جي اڍنگي رويي سبب خودڪشي ڪوشش ڪندڙ شاگردياڻي جو احتجاج

سوڀو ديرو (رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو) سوڀي ديري لڳ ڳوٺ سمي  جي رھواسڻ سمي ھاء اسڪول جي ڏھين ڪلاس جي  شاگردياڻي عليزا ڌي ارشاد حطار پنھنجي امڙ مسمات نصيران پيء ارشاد حطار ۽ ٻين سان  گڏجي احتجاج ڪيو ان موقعي ڏھين جماعت جي شاگردياڻي  عليزا  حطار روئندي ٻڌايو ته مان پوزيشن ھولڊر آھيان، 14 سٽمبر 2019ع تي ھاءِ اسڪول سمي جنھن ۾  سرسو وارا به تعليم ڏيندا آھن (شوز ۔ بوٽ) پاتل نه ھجڻ تان سرسو جي ڪوآرڊينيٽر ۽ استاد ڪلاس ۾ سھيلن ۽ اسٽوڊنٽس جي سامھون ڪريل ۽ بازاري ٻولي جو استعمال ڪيو مان ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ اچي اھڙي ڪريل ۽ گھٽيا ٻولي سبب زھريلي دوا پي خودڪشي ڪئي پر ڊاڪٽرن حياتي بچائي ورتي  نياڻي جي پيءُ ارشاد حطار ٻڌايو ته مان گھر کان ٻاھر ھيس منھنجي نياڻي عليزا زھر پيتو ۽ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي فورن اسان ھڱورجا اسپتال ۾ داخل ڪيو جتي ڊاڪٽرن واش ڪري زھر ڪڍيو نياڻي عليزا ھوش ۾ آئي جنھن چيو ته سرسو جي استاد نازيبا الفاظ ڳالھايا ان ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ زھر پيتو آھي ھن چيو مون کي صرف ھڪ نياڻي جو اولاد آھي جيڪا اسان سڀني کي پياري آھي  منھنجي نياڻي جو ھن وقت به علاج ھلندڙ آھي مان ھاري آھيان منھنجن عزيزن منھنجي مدد ڪري گمبٽ ۔ خيرپور۔ حرا سکر ۔ حيدر آباد ۔لاڙڪاڻو ۔ ڪراچي مان لکين رپيا خرچ ڪري نياڻي جي  زندگي بچائي آھي ڊاڪٽر چون ٿا عليزا جي دماغ تي اثر ٿي ويو آھي ۽ معدي ۾ السثر پڻ ٿي ويو آھي  اسان تعليم کاتي جي اعلي عمدارن ڏي به درخواستون ڏنيون آھن جن پنھنجي منھن انڪوائريون ڪيون ۽ اسان کي نه گھرايو  وزيراعلي سنڌ ڊي سي خيرپور کان انڪوائري رپورٽ گھري آھي پر سرسو استاد بااثر ھجڻ ۽ علائقي جي بااثر وڏيرن جي سپورٽ ھجڻ سبب ڊي سي خيرپور به انڪوائري نه ڪئي آھي ۔ نياڻي عليزا چيو ته مان محنت ڪري پڙھندي ھيس ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق ھيو استاد نديم ملاح منھنجا خواب ختم ڪري ڇڏيا جيستائين استاد نديم ملاح ھوندو اسڪول نه ويندس جنھن کي نياڻين سان ڳالھائڻ جي تميز نه آھي  ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ۔وزيراعلي سنڌ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته سرسو جي استاد پاڪ ڪتاب تي انڪوائري ڪري ان کي برطرف ڪري نياڻي عليزا حطار کي انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ ساڙينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.