سانگهڙ ويجهو 2 لاش هٿ، موت ڳجهارت بڻيل

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر هڪ پنجابي ۾ واٽرڪورس مان هڪ پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي ،جنهن جي سڃاڻپ  اعظم جٽ جي نالي سان ٿي آهي جيڪو چڪ نمبر 3 جو رهواسي ٻڌايو ويو آهي، لاش ڪجھ ڏينھن اڳ جو ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته اعظم جٽ هڪ هفتو اڳ گهران ڪاوڙجي نڪتو هو.ٻئي پاسي منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر 54 وٽ کٻڙ ۾ ٽنگيل هڪ لاش مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ گليو ڪولهي جي نالي سان ٿي آهي جنهن جي شادي هڪ سال اڳ ٿي هئي جڏهن ته والد ڪرنو ڪولهي ٻڌايو ته خبر ناهي خودڪشي ڇو ڪئي اٿس مان ته هن کي مال چارڻ جو چيو هو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او منگلي ٻڌايو اطلاع ملڻ بعد ٻنهي لاشن کي سول اسپتال آندو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم بعد اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.