عراق ۾ حڪومت مخالفن تي حملو، 25 ڄڻا مارجي ويا، سوين زخمي

 

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراقي تخت گاهه بغداد ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙن تي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچين رات هٿياربندن جي فائرنگ ۽ حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اهي حملا بغداد ۾ احتجاج ڪندڙن جي مرڪزي مقام تحرير اسڪوائر ۾ ٿيا، جڏهن ته مارجي ويلن ۾ 3 پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن.

عراق جي سڀ کان اهم مذهبي شخصيت آيت الله سيستاني اهڙن حملن جي مذمت ڪندي پارليامينٽ ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي بنا ڪنهن ٻاهرين دٻاءَ جي فوري طور ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪن.

واضح رهي ته عراق ۾ ٽن مهينن کان جاري حڪومت مخالف احتجاج ۾ 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 15 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/2zMUMcLlz5B8jnRMoitnpX

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.