ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا کان وٺي ڪيترين ئي ويب سائٽن تائين، جاءِ جاءِ تي اِهو ذڪر نظر پيو اچي ته سال جي آخري سج گرهڻ لڳ ڀڳ مڪمل سج گرهڻ هوندي ۽ ان دوران هڪ وقت اهڙو به ايندو جو ڏينهن ۾ رات جهڙو اونداهه ڇائنجي ويندو، ۽ پکي به رات سمجهي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا. پر ڇا اِها خبر واقعي درست آهي.
اِهو سچ آهي ته 26 ڊسمبر تي ٿيندڙ سج گرهڻ پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ ڏسي سگهبي. اِهو به صحيح آهي ته 20 سالن ۾ ڪا به سج گرهڻ پاڪستان ۾ نظر ايندي، پر اِها ڳالهه به درست ناهي ته اُها لڳ ڀڳ مڪمل سج گرهڻ هوندي جنهن دوران ڏينهن ۾ رات جهڙُو منظر ٿي ويندو.