سنڌ حڪومت جو مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مهانگن اگهن تي اٽو وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جو منصوعي بحران پيدا ڪري اٽي جا اگهه وڌايا پيا وڃن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:اٽو ٻيهر مهانگو، عوام پريشان…!

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته سمورا ڊپٽي ڪمشنر خوراڪ کاتي جي مقرر قيمت تي سختي سان عمل ڪرائين.

ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ هو ته منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي چيو هو ته سنڌ ۾ اٽي جو بحران اچڻ وارو آهي، سنڌ حڪومت جي غلط پاليسين ۽ ڪرپٽ پريڪٽس سان فلور ملز بي لگام آهن.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/2zMUMcLlz5B8jnRMoitnpX

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.