ٺارو شاهه: مهان راڳي ماسٽر چندر جي 112 هين جنم ڏينهن جي تقريب

وامي آواز رپورٽ
ٺارو شاهه: مهان راڳي ماسٽر چندر جي 112 هين جنم ڏينهن جي تقريب
وامي آواز رپورٽ ٺارو شاهه: مهان راڳي ماسٽر چندر جي 112 هين جنم ڏينهن جي تقريب

هند ۽ سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر جي 112 هين جنم ڏينهن جي تقريب ماسٽر چندر يادگار ڪميٽيءَ پاران شيوا رام هاءِ اسڪول ٺاروشاهه ۾ ملهائي وئي

علائقي جي ساڃاهه وندن پاران ماسٽر چندر جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن علي شير ڪيريو، قاضي علي رضا، مختيار سومرو ۽ ٻين چيو ته ماسٽر چندر سنڌ جو الهامي آواز هو، هن سنڌي راڳ کي جدت ڏني جنهن سبب کيس سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي

هنن چيو ته ماسٽر چندر هڪ ئي وقت شاعر، راڳي، ڪمپوزر سان گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. ٻئي پاسي مشهور فنڪارن عبدالقدوس سولنگي، عبدالباسط ٻٻر، عبدالرحيم چانڊيو، ظفر علي سولنگي ۽ ٻين ماسٽر چندر جا ڪلام ڳائي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.