مدي جي بخار کان بچاءَ جي مهم ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوشش

مقبول ملاح

سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ۾ ٻارڙن کي مدي جي بخار کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائڻ واري مهم بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، 18 نومبر کان 30 نومبر تائين جاري هن مهم ۾ سنڌ جي 9 مهينن کان 15 سالن تائين جي مقرر حدف 1 ڪروڙ 13 هزار 340 ٻارن مان  98 لک 4 هزار 931 ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويا، جيڪو مجموعي طور 98 سيڪڙو ٻارڙن هن مهم مان فائدو حاصل ڪيو.جڏهن ته باقي رهيل ٻارڙن کي به ٽڪا لڳائڻ لاءِ 7 ڊسمبر تائين مهم ۾ واڌارو ڪيو ويو. هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ نه صرف سنڌ حڪومت پر ان سان گڏ عالمي ادارو ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ پي ايڇ سي گلوبل پڻ شامل هيون ۽ مهم جي شروعات کان اڳ والدين ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ڪيا ويا ته جيئن هن مهم مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هي مهم  دنيا ۾ سڀ کان پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي وئي ۽ پاڪستان ۾ به صرف سنڌ صوبي ۾ مهم جي شروعات ٿي. پي ايڇ سي گلوبل طرفان ته سڄي سنڌ ۾ سول سوسائٽي آرگنائيزيشن کي پڻ شامل ڪيو ويو ته جيئن وڌ کان وڌ والدين تائين پهچي ان موضي مرض مان ٻارڙن کي نجات حاصل ڪرائڻ لاءِ آگاهي ڏئي سگهجي.

ھي به پڙهي سگھو ٿا:۽ جڏهن ثقافت جو ڏينهن قومي عيد بڻجي ويو

بخار

15 سالن تائين ٻارڙن جو وڏو انگ اسڪولن ۾ موجود هجي ٿو، جنهن لاءِ هڪ پلاننگ تحت سڀ کان پهريون اسڪولن جي ٻارڙن کي ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ويڪسينيشن ڪرڻ دوران هڪ پلان به تيار ڪيوويو ته جيئن ڪنهن ٻار کي ڪوبه مسئلو ٿئي ته بروقت کيس فرسٽ ايڊ  ڏئي سگهجي.  عالمي ادارن ڊبليو ايڇ او سميت پاڪستان جي ٻارڙن جي ماهر ڊاڪٽرن مدي جي بخار جي هن ويڪسين کي ٻارڙن جي لاءِ اهم ۽  محفوظ قرار ڏنو. جڏهن ته ويڪسين جي معمولي اثرن بابت پڻ آگاهه ڪيوويو ته جيئن والدين کي اها خبر هجي ته ويڪسين ڪرڻ کانپوءِ معمولي بخار، بکي بيٽ هجڻ ڪري الٽي ۽ چڪر اچي سگهن ٿا ته جيئن والدين پريشان نه ٿين. پر بدقسمتي سان پهرين ڏينهن ئي ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ ٻارڙن کي ويڪسين کانپوءِ چڪر اچڻ ڪري اسڪول انتظاميه کين گهٻرائجي اسپتال داخل ڪيو جن کي سوشل ميڊيا تي غلط رخ ڏئي پيش ڪيو ويو، ايتري حد تائين جو ڇهن ٻارڙن جي فوتگي جا افواهه هلايا ويا، جيڪي غلط افواهه هئا ۽ ٻارڙا ته ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ويا هئا. جنهن جي بعد ۾ انهن ٻارڙن جي والدين ۽ اسڪول جي انتظاميه توڙي جنهن اسپتال داخل ڪيا ويا هئا، ان اسپتالن جي ٻارڙن جي ڊاڪٽر پڻ ان ويڪسين جي اهميت بابت والدين کي آگاهه ڪيو.

بخار

سوشل ميڊيا جي اهڙي افواهه ڪري سنڌ جي اڪثر والدين خوف سبب ٻارڙن کي ويڪسين ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو، ۽ مدرسن توڙي اسڪولن جي انتظاميه پڻ اهو چئي ٻارڙن کي ويڪسين لڳائڻ کان انڪار ڪيو ته  ٻارڙن جي والدين کين ويڪسين ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. والدين توڙي اسڪول انتظاميه جي اهڙي رويي ڪري حڪومت ۽ ان سان گڏ مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ موجود مختلف ادارن توڙي تنظيمن لاءِ وڏو چيلينج بنجي ويو.

ان کان اڳ آغا خان يونيورسٽي طرفان حيدرآباد جي تعلقي ٻهراڙي ۾ مدي جي بخار کان بچاءَ لاءِ ٻن سالن تائين جي ٻارڙن کي ويڪسينيشن ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پڻ ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو هيو. ڪراچي ۾ ٿيل هن واقعي ۾ به ڪو جاني نقصان نه ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، ڪامنيٽ سميت پي ايڇ سي گلوبل سان لاڳاپيل سي ايس اوز اسڪولن ۾ موجود انتظاميه ۽ والدين کي  افواهن تي توجهه نه ڏيڻ ۽ کين ويڪسين جي اهميت بابت آگاهه ڪيو، ڇاڪاڻ ته  مدي جو بخار وڏي عرصي تائين ٻارڙن ۾ موجود رهي ٿو، جنهن ڪري ٻارڙن جي تعليم به ڊسٽرب رهي ٿي. ۽ نتيجن هڪ دفعو ٻيهر والدين پنهنجن ٻارڙن کي ويڪسين ڪرائڻ شروع ڪئي  ۽ سنڌ حڪومت 98 سيڪڙو نتيجا حاصل ڪيا، جڏهن ته باقي رهيل ٻارڙن کي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ مهم ۾ 7 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو ته جيئن باقي رهيل ٻارڙن کي به ويڪسين ٿي سگهي.

بخار

2018 ۾ ارڙي جي ڦهلجندڙ وبا کي نظر ۾ رکندي ارڙي کان بچاءَ لاءِ ٻارڙن ۾ ويڪسين ڪئي وئي هئي ۽ نتيجي ۾ ارڙي جي بيماري ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي.  دنيا جي ڪابه ويڪسين ٻارڙن جي جسم ۾ قوت مدافعت وڌائي ٿي جنهن سان ٻار ان مخصوص بيماري جنهن جي ويڪسين لڳائي ويندي آهي کان محفوظ رهي ٿو. ۽ عام چوڻي به اها آهي ته علاج کان احتياط وڌيڪ بهتر آهي. مدي جي هن بخار جي ويڪسين ان وقت ٻارڙن کي لڳائي پئي وڃي جڏهن اهو بيڪٽيريا خطرناڪ حد تائين وڌندو پيو وڃي  جنهن تي اينٽي بائيٽڪ دوائون به اثر نه ڪري رهيون هيون. اهڙي صورتحال ۾ هيءَ ويڪسين ٻارڙن کي مدي جي بخار کان بچائڻ لاءِ هڪ نعمت ثابت ٿي سگهندي. اميد ته هن ويڪسين کان ٻارڙن ۾ مدي جي بخار تي به ڪنٽرول ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.