فن سان عشق ڪندڙ يعقوب ذڪريا:لياقت راڄپر

منهنجو اڪثر پي ٽي وي تي اچڻ ٿيندو هو، جنهن جي ڪري ڪافي عظيم ۽ سُٺن فنڪارن سان ملاقات ٿيندي رهندي هُئي، جن منجهان هڪ فن سان عشق ڪندڙ فنڪار يعقوب ذڪريا به ملندو هو، جنهن کي ڏسي ائين لڳندو هو، ڄڻ هو پيدائشي فنڪار آهي ۽ جيڪو به ڪردار هن کي ملندو هو، ان کي هو وڏي خوبيءَ سان نڀائيندو هو پر خاص ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو رول، جنهن ۾ هن سان قدم قدم تي زماني جون زيادتيون، ڏُک ۽ غمن جون پيڙائون شامل هونديون هيون. هونئن به هو غريب هو ۽ منهن مهانڊي مان غربت، بُک ۽ تڪليفون نظر اينديون هيون، جيڪي هن جو ننڍپڻ کان پيڇو ڪنديون پئي آيون.
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بيشمار شخصيتون ۽ فنڪار آهن، جيڪي سڄي عمر جدوجهد ڪندا رهيا پر ڪو به پئسو ٺاهي يا گڏ ڪري نه سگهيا، جنهن جي ڪري هو پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي بُکن جي گهاڻي ۾ پيسجندي ڏسندا رهيا ۽ آخر ۾ بيمارين جي ور چڙهي ڪسم پرسي واري زندگي گُذاري موت جو کاڄ بڻجي ويا. انهن مان اڄ هڪ يعقوب ذڪريا جي زندگيءَ جو ذڪر ڪندس، جيڪو خوشي ۽ خواهشن جي پويان ڀڄندو ڀڄندو هيءَ دنيا ڇڏي ويو. سنڌي فنڪارن ۾ ڪجهه فنڪار واقعي پيدائشي فنڪار هُئا، جن ۾ يعقوب ذڪريا، نور محمد لاشاري، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي ۽ ٻيا اڻ ڳڻت شامل آهن، جن کي آئون هنن لکڻين ذريعي ياد ڪندو رهان ٿو، جڏهن ته حڪومت ۽ انهن جي پرستارن انهن کي صفا وساري ڇڏيو آهي.
يعقوب ذڪريا تقريبن ۲۵۰ اسٽيج ڊرامن، پي ٽي وي ڊرامن، فلمن کان علاوه ۲۰۰۰ ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪري چُڪو هو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڊامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو هو، ڪي ڪردار ته اهڙا هئا، جن جي ڪري هن کي پرائڊ آف پرفارمنس ملڻ کپندو هو پر هن جي سفارش نه هجڻ ۽ غربت جي ڪري ڪنهن ماڻهوءَ اڳتي وڌي هن لاءِ ڪوشش نه ڪئي. بهرحال پاڻ به چوندو هو ته غربت ۽ سادگي سڀ کان وڌيڪ انسان جي ترقي ۽ حاصلات ۾ رڪاوٽ آهي. هن کي فن سان محنت نه پر عشق هو، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي روزي ڪمائڻ واري وقت مان وقت ڪڍي ريڊيو، اسٽيج ڊرامن جي پروڊيوسرن ۽ هدايتڪارن جي پويان ڊُڪندو رهيو. ڪيترين ڪوششن جي باوجود هو پنهنجو گهر نه ٺاهي سگهيو ۽ ٻن ڪمرن جي مسواڙ واري جاءِ ۾ گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ رهندو هو.
لياقت ڪالوني حيدرآباد جي گهر مان هو روزانو آٽو رڪشا صبح جو کڻي ماڻهن کي منزل ڏانهن پهچائيندو رهيو، جنهن جي عيوض کي صرف ايتري رقم ملندي هُئي جو هو گهر جو خرچ مشڪل سان پورو ڪري سگهيو. جڏهن ٽي وي تي ڊرامن تي ڪم ملندو هوس ته اهي ڏينهن هو رڪشو نه هلائي سگهندو هو، جڏهن ته اتان ايترو گهڻو معاوضو ڪونه ملندو هوس جو هو ڪجهه خاص ڪري سگهي. بهرحال شوق جو ڪو ملهه نه آهي. هو چوندو هو ته خالي ساراهه مان پيٽ نٿو ڀرجي، پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ پئسا کپن ٿا، جيڪي شينهن جي وات مان ڪڍڻا پون ٿا. اهڙن وقتن ۾ به هن پنهنجي عزت ۽ احترام جو سودو نه ڪيو ۽ اصولن جي ڇانو ۾ هلندو رهيو.
هن هڪ ڀيرو انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هن جو قدر صرف هڪ ماڻهو ڪيو، جيڪو پاڻ وڏو عظيم ۽ محترم آهي، جنهن جو نالو امر جليل آهي، جيڪو هميشه هن سان وڏي عزت ۽ احترام سان ملندو هو ۽ هن جا هٿ چُمي چوندو هو ته تون عظيم آهين ۽ ڪڏهن ڪڏهن نرڙ تي چُمي ڏئي منهنجي فَن جو قدر ڪندو هو.
هن جو والد ڪاٺياواڙي ميمڻ هو، جيڪو ڪٽنب سوڌو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هجرت ڪري حيدرآباد شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ زندگي گُذارڻ لاءِ شاهي بازار ۾ واچُون ٺاهڻ (مرمت) ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن منجهان ڪا خاص آمدني نه پئي ملي، سو وري ڪنهن تيل جي مشين تي مزدوري ڪرڻ لڳو. ذڪريا ۱۹۴۳ع ۾ هندستان جي هڪ شهر اوپلٽيا، جيڪو جهوناڳڙهه جي ڀرسان هو، اُتي ڄائو هو. هو صرف اٺن درجن تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو، هن جا چاچا به بزنس ۾ هئا پر هو به ڪو خاص ڪمائي نه سگهيا. هڪ چاچي ان پيهڻ جي مشين خريد ڪئي هُئي ۽ ٻيو وري ڪپڙي جو ڪم ڪندو هو. سندس والد جڏهن ڪم کان فارغ ٿيندو هو ته وڃي گهڙين جي مرمت ڪري ٻيا ڪجهه پئسا ڪمائي گهر کي هلائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو.
هُن کي هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر هُئا، جڏهن ته هڪ ڀاءُ اُتي هندستان ۾ ئي گُذاري ويو هو. هن پاڻ جڏهن ۱۹۶۰ع ۾ شادي ڪئي ته هن کي به ٽي ڌيئرون ۽ ٽي پُٽ ڄاوا هُئا. شروع ۾ ذڪريا پاپڙ، ڇولا، پشم مٺي ۽ قلفيون وڪڻندو هو، هو پنهنجي فنڪار ٿيڻ واري شوق کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا چڪر ڪاٽڻ لڳو ۽ پنج ڀيرا آڊيشن ۾ فيل ٿيڻ کانپوءِ ڇهين ڀيري ڪامياب ٿي ويو. سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ هن پهريون ڀيرو ريڊيو تان ڊرامي بهادر ۾ ڪم ڪيو، جيڪو ڊسمبر مهيني ۾ ريڊيو تان نشر ٿيو هو. ان ڊرامي جو پروڊيوسر هو عبدالقيوم جنهن کي ذڪريا پنهنجو استاد مڃيندو هو. ريڊيو ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن کي محمد علي، ان جي ڀاءُ ارشاد علي ۽ حمايت علي شاعر، جيڪي زرينه بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاهه، مراد علي مرزا، منظور نقوي، مصطفيٰ قريشي، غلام حيدر صديقي ۽ نصير مرزا جهڙن شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن پهريون ڀيرو سنڌي فلمن گهونگهٽ لاهه ڪنوار ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته عبدالڪريم بلوچ جي ڪري هن کي پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامي گنهگار ۾ ڪم ڪرڻ جو چانس مليو، جيڪو مراد علي مرزا جو لکيل هو، جنهن جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو. هُن ان ڊرامي ۾ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو بلڪل نيچرل هو ۽ هو ڪِلڪ ٿي ويو.
هن جي فن جي محبت جي انتها ڏسو، جو هڪ ڀيرو هو هڪ ٽيبلو ”پرڇائيان“ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جنهن جي ريهرسل ۲ مهينا هلي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم ٽي بي مريضن لاءِ گڏ ڪئي پئي وڃي. جنهن ڏينهن هي ٽيبلو پيش ٿي رهيو هو ته هن جي ڌيءَ زهره جَبين جو موت واقع ٿي ويو پر هو پنهنجي ڌيءَ جي جنازي ۽ تدفين ۾ صرف انهيءَ ڪري شامل نه ٿي سگهيو ته جيڪڏهن ڊرامي مان هليو ويو ته وڏو نقصان ٿي ويندو ۽ جيڪي مريض زير علاج هُئا، انهن لاءِ دوائون خريد نه ٿي سگهنديون. جڏهن ڊرامو ختم ٿيو ته هو گهر نه وڃي سگهيو ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن ويو ته هن کي گهر ۾ اچڻ نه ڏنو ويو ۽ برادريءَ مان ڪڍيو ويو ته هو ايڏو سفاق ۽ ظالم آهي، جو پياري ڌيءَ جو منهن به ڏسي نه سگهيو. ان کانسواءِ هڪ ٻيو به اهڙو واقعو آهي، جنهن منجهان فن سان عشق جو وڏو ثبوت ملي ٿو. جڏهن اردو ڊرامو سيريل ”ڪاروان“ ٺهي رهيو هو ۽ هن کي سکان جي پيءُ ڪردار ڏيڻ لاءِ اُها شرط رکي هُئي ته هن کي پنهنجي ڏندن جي ٻَٽِيهي ڪڍرائڻي پوندي، جنهن لاءِ هن ائين ڪيو. هي ڊرامو پنهنجي وقت جو ڪامياب ڊرامو هو، جيڪو ٿر جي ڪوشل ڳائڻي مائي ڀاڳي جي زندگي تي ٺاهيو ويو هو، جنهن جي رڪارڊنگ ٿر جي علائقي نئون ڪوٽ ۾ ڪئي وئي هُئي، جنهن جو پروڊيوسر اقبال سعيد انصاري هو، جڏهن ته سکان جو ڪردار هُما اڪبر نڀايو هو. ڊرامي ۾ مائي ڀاڳي جي آواز لاءِ ٽينا ثاني چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هُئا.
يعقوب ذڪريا ڏسڻ ۾ ڪَو سهڻو نه هو پر هن جي دل سهڻي هُئي ۽ هو خُوددار هو، جيڪو ڪئين ٻوليون ڳالهائڻ ڄاڻندو هو، جنهن ۾ سنڌي، گجراتي، اردو، مارواڙي، راجسٿاني، روتڪي، دڪني، هندي ۽ پنجابي شامل آهن ۽ اڃان به ٻيون ٻوليون سِکڻ جو شوق هُئس. هو پرائڊ آف پرفارمنس نه ملڻ تي وڏو اُداس ۽ مايوس هوندو هو.
سنڌي ڊراما سيريل ”راڻي“ جي ڪهاڻيءَ ۾ هن جو ڪردار هڪ پوليس واري جو هو، جيڪو هن تمام سُهڻي نموني نڀايو هو، جنهن جو پروڊيوسر هارون رند هو، جنهن ان سيريل کي اردو ۾ ديوارين جي نالي سان ٺاهيو، جنهن ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏو نالو ڪمايو. هن جي ٻين اهم ڊرامن ۾ اردو ڊرامو ”جنگل“ به آهي. بيشمار اردو ۽ سنڌي ڊراما اهڙا آهن، جن ۾ يعقوب ذڪريا اهم ڪردار ادا ڪيا آهن، انهن ۾ ڊرامو نوري، عورت ڪهاڻي، جانگلونسJanglons  با ادب با ملاحظه، زندان، نجات، اڌورا انسان، فوٽ پاٿ، ڪونج ۽ ساگر ڪي آنسو وغيره ۽ فلمن ۾ محبوب مِٺا، مٺڙا شال ملن، محب شيدي، اردو فلمن ۾ استادون ڪي استاد، خطرناڪ حسينه، جڏهن ته هڪ هالي ووڊ جي انگريزي فلمEmulate Conception  شامل آهي، جنهن ۾ هن سان بالي ووڊ جي اداڪاره شبانا اعظمي گڏ ڪم ڪيو هو، جيڪا هن جي اداڪاريءَ مان وڏي متاثر ٿي، هن کي بالي ووڊ جي فلم ”چَٽان“ ۾ ڪردار ڪرڻ جي آڇ ڪئي هُئي، جيڪا هن ڪن سببن جي ڪري قبول نه ڪئي.
جيئن ته هو سهڻو نه هو ۽ غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري احساس محروميءَ جو شڪار هو، ان لاءِ هن کي سهڻيون شيون گهڻيون وڻنديون هيون ۽ هو خاص ڪري خوبصورت چهرن کي پسند ڪندو هو پر موٽ ۾ هميشه ناڪامي ملندي هيس سندس. سڄي ڄمار پيٽ پالڻ ۾ ۽ فن سان عشق ۾ گذري وئي هن پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ جيڪي خواب ڏٺا هُئا، اُهي پورا نه ڪري سگهيو ۽ دل تي ايترا وزن کنيائين جو هو دل جو مريض ٿي ويو، جنهن جو هو خاص علاج ڪرائي نه سگهيو ۽ اوچتو ۹ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي جيڪو عيد جو ڏهاڙو هو، هن کي دل جو شديد دورو پيو ۽ کيس سول اسپتال حيدرآباد جي ايمرجنسي شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي عيد جي ڪري ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف جي گهٽتائي ڪري هن کي صحيح علاج نه ملي سگهيو ۽ هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سان هڪ حقيقي فنڪار کان سنڌ محروم ٿي وئي.
يعقوب ذڪريا اڄ هن دنيا ۾ موجود نه آهي پر هن جي فن هن کي اڄ به زندهه ۽ امر ڪري ڇڏيو آهي افسوس جو اسان اهڙن ڪيترن ئي فنڪارن کي وساري ويٺا آهيون ۽ انهن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪو به پروگرام نه ٽي وي تي ڪريون ٿا ۽ نه ئي وري اخبارن ۾ لکون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.