سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي؟:عبدالرحيم گُجراڻي

سنڌ ۽ هند جيتوڻيڪ قديم وقت کان وٺي علم ۽ تهذيب جو مرڪز هو. هن سرزمين تي ڪيترن ئي علمن جو بنياد پيو. ان هوندي به سنڌ ۽ هند جا ماڻهو تاريخ جي علم کان ناواقف هئا. انهي ڪري هتي قديم دور ۾ ڪڏهن به تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو. نتيجي طور اسان ڪيترين ئي صدين تائين سنڌ جي آڳاٽي تاريخ کان ناواقف رهياسين. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي تهذيب بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي. اسان کي آريا سماج بابت ڪابه مستند ڄاڻ ڪونه ٿي ملي. هندو ڌرم جي شروعات يا بنياد بابت به اسان وٽ ڪابه مستند ڄاڻ ڪونهي. راءِ گهراڻي کان اڳ وارن وقتن جي تاريخ بابت معلومات جا مکيه ذريعا هي آهن :
هندو ڌرم جا مذهبي ڪتاب ۽ ڌرمي ڪٿائون
مقامي ڏند ڪٿائون ۽ جاگرافي
آرڪيالاجيڪل ماڳ( قديم آثار)ٻاهرين حمله آورن( جهڙوڪ : مصرين، يونانين، ڪلدانين، ايرانين، سٿين ۽ پارٿين) جون لکيل تاريخون ۽ رڪارڊ
قديم دور ۾ سنڌ ۾ آيل سياحن جا سفرناما
مقامي ريتون، رسمون، اصول ۽ ثقافت
سنڌ جي باقاعدي تاريخ لکڻ جي شروعات مسلمان مورخن ڪئي آهي. مسلمانن طرفان سنڌ ۽ هند مٿان هي سڀ کان وڏو احسان آهي. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي قديم سنڌ ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو : "ان وقت عربن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي راجائن- راءِ ساهسي، چچ، چندر ۽ ڏاهر- بابت جيڪي احوال ماڻهن جي واتان مليا، سي قلمبند ڪيائون جي چچ نامي ۽ ٻين پارسي ڪتابن ۾ لکيل آهن…………….. چئبو ته تڪليف وٺي ڪيترو مصالحو ڪٺو ڪيائون، جو هن وقت اسان کي جيڪر ملي ڪين سگهي ها” مسلمانن پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي ته جيتري ٿي سگهي سنڌ جي تاريخ جمع ڪئي وڃي. البته جيئن ته هن کان اڳ سنڌ ۾ ڪوبه تاريخي ڪتاب ڪونه لکيو ويو هو. انهي ڪري هنن کي مقامي ماڻهن جي روايتن ۽ احوالن مان جن جن بادشاهن بابت معلومات ملي، سان هنن محفوظ ڪري ورتي.
سنڌ جي تاريخ تي پهريون تفصيلي ماخذ چچ نامو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب کي افسانوي چيو ويو آهي البته سنڌ جي تاريخ جو پهريون ماخذ اهو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ راءِ گهراڻي جي آخري ٻن حاڪمن، برھمڻ گهراڻي ۽ محمد بن قاسم جي فتح سنڌ تائين جا حالات مفصل انداز ۾ لکيا ويا آهن. ان کان پوءِ احمد بن يحيي البلاذري جو ڪتاب فتوح البلدان آهي، هن ۾ "فتوح السند” نالي سان الڳ باب آهي، جنهن ۾ ابن قاسم طرفان سنڌ کي فتح ڪرڻ کان وٺي عرب هباري حاڪمن تائين جا احوال درج آهن. حبارين کان بعد اسماعيلي شيعن جي حڪومت قائم ٿي هئي. افسوس جو هن دور جي تاريخ تي به پردا آهن. هن دور بابت ڪجهه احوال عرب سياحن جي سفرنامن ۽ غزنوي سلطنت جي تاريخي رڪارڊ مان ملي ٿو. پر ان مان هن دور تي مفصل روشني نه ٿي پوي.
1026ع ۾ محمود غزنوي سنڌ ۾ غزنوي حڪومت جو بنياد وڌو. محمود غزنوي کان بعد سنڌ جا ٻه حصا ٿي ويا. ڏکڻ سنڌ تي سومرن جو قبضو ٿي ويو ۽ اتر سنڌ ملتان ۽ بکر تائين دهلي جا سلاطين حڪومت ڪرڻ لڳا. ان دور جي تاريخ تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ٻين تاريخي ماخذن مان ملي ٿي. البته سومرن ۽ ان کان بعد سمن جي حڪومت جي تاريخ تي وري به پردا چڙهيل آهن. سومرا ۽ سما مقامي مسلمان حاڪم هئا. هنن حڪمرانن جي دور ۾ جيتوڻيڪ سنڌ خوشحال هئي ۽ سنڌي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن ۽ روايات کي وڏي هٿي ملي هئي. سنڌ علم ۽ ادب جو مرڪز هئي. پر سومرن ۽ سمن حاڪمن به اوائلي سنڌي حڪمرانن وانگر پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرائڻ طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. سومرن ۽ سمن بابت معلومات جا ماخذ هيٺيان آهن :
ان دور جا رومانوي قصا
عوامي ڏندڪٿائون
عرب سياحن جا سفرناما
رمتا فقيرن جو ڪلام
دهلي سلطنت ۽ ٻين پاڙيسري رياستن جا ريڪارڊ
ان وقت جا تاريخي آثار ۽ ماڳ مڪان
ان کانسواءِ تاريخ معصومي، تحفه الڪرام، ترخان نامي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ پڻ ڪجهه معلومات مليل آهي پر انهن جو بنياد مٿيان احوال آهن
سمن کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت قائم ٿي. هي منگول نسل مان هئا ۽ انتهائي وحشي ۽ ظالم هئا. هنن جي سنڌ ۾ آندل تباهين جي نتيجي ۾ عربن، سومرن ۽ سمن جي دور جو سمورو علمي سرمايو ضايع ٿي ويو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ "ترخان نامو” لکرايو ويو، جنهن مان سندن حالات بيان ٿين ٿا. ان کانپوءِ مغل حاڪمن جي حڪومت آئي، هنن جي دور ۾ مير معصوم شاھ بکري، اڪبر بادشاهه جي حڪم تي "تاريخ معصومي” لکي، هن مان اڪبر بادشاھ تائين مغل دور جا احوال ملن ٿا البته ان کان پوءِ سنڌ جا احوال صحيح نموني نٿا ملن. صرف چند گورنرن جا احوال ملن ٿا. پر انهن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو، ان ڪو ڪوئي پتو نه ٿو پوي. بهرحال مغلن جي دور ۾ سنڌ جي شهرن ۽ وسندين کي خوبصورت بڻايو ويو. هتي تعليم ۽ صحت جا مرڪز قائم ڪيا ويا. هر طرف خوبصورت عمارتون ۽ باغ اڏائي سنڌ جي خوبصورتي وڌائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.