جروار مائينر پل نه ٺهي، حادثا معمول، احتجاج

جروار (ن ع آ) جروار مائينر پل ڪافي وقت گذرڻ باوجود نه ٺھي سگھيو، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا منظر عام تان غائب ٿي ويا، جڏھن ته جروار مائينر پل ۾ وڏو کڏو پئجي ويو آھي، جنھن سبب حادثا روز جا معمول بڻيل ا آھن، گذريل رات به پل جي کڏي ۾ ڳئون ڪري مري وئي، ان حوالي سان   شھرين پاران پل مٿان بيھي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته  ووٽ وٺڻ کانپوءِ چونڊيل نمائندن عوامي ڪم ڪرڻ به ڇڏي ڏنا آھن، جروار مائينر پل نه ٺهڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پل تعمير ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.