ٺٽو: وَر مان گم ٿيل ٻارڙي مُئل حالت ۾ هٿ، زيادتي جي تصديق

 

ٺٽو (رپورٽ: شبير ڀٽي) ٺٽي ڀرسان ور شهر مان گم ٿي ويل معصوم ٻارڙيءَ جو واٽر ڪورس مان لاش هٿ آيو.

خميس جي صبح ور شھر لڳ ولاسين جي پاڙي مان ست ورهين جي معصوم دعا ڌيءُ الطاف ولاسيو جو تشدد ٿيل لاش پاڙي ڀرسان واٽر ڪورس مان مليو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻارڙيءَ جو مڙهه اسپتال پهچايو، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ شروعاتي رپورٽ ۾ ٻارڙيءَ سان زيادي جي تصديق ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي عا جو مڙهه بنا ڪپڙن جي هٿ آيو، معاملي جي جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.